Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 42:15 - Sindhi Bible

15 تہ تڏهن هاڻي، اي يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو اوهين خداوند جو ڪلام ٻڌو: لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن اوهين سچ پچ مصر ۾ وڃي اُتي رهي پوڻ لاءِ خواهان ٿيندا:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

15 تہ پوءِ خداوند جو فرمان ٻڌي ڇڏيو، اي يهوداہ جا باقي بچيل رهاڪؤ! قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن مصر ۾ وڃي رهڻ جو اوهان جو ارادو پڪو آهي ۽ واقعي اتي وڃي رهندا تہ پوءِ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 42:15
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو پنهنجو سڀ ڪجهہ کڻي ڀڄي ويو ۽ درياهہ اُڪري، جلعاد جبل ڏانهن رخ ڪيائين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


اهڙو ساڳيو حال انهن سڀني ماڻهن جو ٿيندو جي مصر ۾ وڃي رهڻ جي لاءِ خواهان آهن؛ اُهي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندا؛ ۽ جيڪا خرابي آءٌ هنن جي مٿان آڻيندس تنهن کان ڪوبہ ڪونہ رهندو يا بچندو.


هيترو بہ وڌيڪ يرمياہ انهن سڀني ماڻهن کي ۽ سڀني زالن کي چيو، تہ اي يهوداہ جي سڄي قوم اوهين جي مصر جي زمين ۾ آهيو، سي خداوند جو ڪلام ٻڌو:


۽ هو پنهنجي سڄي بادشاهت جي زور سان، سچارن سميت اچڻ جي لاءِ ڪوشش ڪندو؛ ۽ پنهنجي خواهش پوري ڪندو: ۽ هو انهي کي زالن جي ڌيءَ ڏيندو تہ انهي کي خراب ڪري؛ پر هوءَ نہ بيهندي، ۽ نہ هن جي ٿيندي.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سندس مٿي کڄي وڃڻ جا ڏينهن ويجها آيا، تڏهن پڪو ارادو ڪري يروشلم ڏانهن رخ رکيائين تہ اوڏانهن وڃان.


۽ هو پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا نہ رکي، نڪي پاڻ وٽ گهڻا گهوڙا گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي مصر ۾ موڪلي: ڇالاءِ جو خداوند اوهان کي چيو آهي، تہ اوهين اڳتي ڪڏهن بہ انهي رستي موٽي نہ وڃجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ