Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 41:5 - Sindhi Bible

5 ڪي ماڻهو يعني اسي ڄڻا، سڪم ۽ سيلا ۾ سامريہ مان آيا، جن جون ڏاڙهيون ڪوڙيل هيون، ۽ ڪپڙا ڦاٽل هئا، ۽ جن پاڻ کي وڍ وڌا هئا، ۽ نذرانا ۽ لوبان سندن هٿ ۾ هئا، انهي لاءِ تہ اُهي خداوند جي گهر ۾ آڻين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن سڪم، سيلا ۽ سامريہ شهرن مان اسي ڄڻن جو هڪڙو ٽولو يروشلم وڃڻ لاءِ مصفاہ شهر وٽان لنگھي رهيو هو. هنن ڏک وچان پنهنجيون ڏاڙهيون ڪوڙي ڇڏيون هيون، ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا هئا ۽ پاڻ کي زخم رسايا هئائون. هنن خداوند جي هيڪل ۾ نذر ڪرڻ لاءِ اناج جون قربانيون ۽ لوبان پاڻ سان کنيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 41:5
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب فدان ارام مان نڪري سڪم شهر ۾ آيو، جو ڪنعان ملڪ ۾ آهي، ۽ شهر جي ٻاهران اچي منزل ڪيائين؛


۽ انهيءَ ملڪ جي حاڪم حمور حويءَ جي پٽ سڪم هن کي ڏٺو، ۽ کيس وٺي وڃي ساڻس ستو، ۽ آبرو ورتائينس.


پوءِ سندس ڀائر سڪم ۾ پنهنجي پيءُ جو ڌڻ چارڻ ويا.


تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن اڌ ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪري ڇڏيائين.


۽ رحبعام سڪم ڏي ويو: ڇالاءِ جو ساري اسرائيل قوم هن کي بادشاهہ ڪرڻ لاءِ سڪم ۾ آئي هئي.


تنهن کان پوءِ يربعام افرائيم جي ڪوهستان ۾ سڪم اڏي اُتي رهڻ لڳو؛ ۽ اُتان وڃي فنوايل اڏيائين.


۽ هن سمر کان چانديءَ جا ٻہ قنطار ڏيئي سامريہ جو ٽڪر خريد ڪيو؛ ۽ اُنهيءَ ٽڪر تي هن هڪڙو شهر اڏايو، ۽ جيڪو شهر اڏايائين اُنهيءَ تي اُنهيءَ ٽڪر جي مالڪ سمر جي نالي پٺيان سامريہ نالو رکيائين.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي اٺٽيهين ورهيہ ۾، اخي آب بن عمري اسرائيل تي بادشاهي ڪرڻ لڳو: ۽ اخي آب بن عمري اسرائيل تي سامريہ ۾ ٻاويهہ ورهيہ بادشاهي ڪئي.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙي ڇڏيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، يعني سڀ وڏا گهر، باهہ ڏيئي ساڙي ڇڏيا.


تڏهن حنون دائود جي نوڪرن کي پڪڙي سندن ڏاڙهيون ڪوڙائي ڇڏيون، ۽ سندن ڪپڙا وچان ٻنڊڻن تائين ڪپائي ڇڏيائين، ۽ پوءِ روانو ڪيائين.


ڇو جو تنهنجا بندا انهيءَ جا پٿر بہ پسند ٿا ڪن، ۽ سندس مٽيءَ تي بہ ڪهل ٿي اچين.


سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


وڏا توڙي ننڍا هن زمين ۾ مرندا: اُهي دفن نہ ڪيا ويندا، ۽ نہ ماڻهو انهن جي لاءِ ماتم ڪندا، ۽ نہ پاڻ کي زخمي ڪندا، ۽ نہ انهن جي لاءِ پاڻ کي مُنڊائيندا:


۽ جڏهن هن جدلياہ کي ماريو، ۽ ڪنهن ماڻهوءَ کي انهيءَ جي خبر نہ پئي، تڏهن انهي جي ٻئي ڏينهن هيئن ٿيو، تہ


غزہ تي گنجائي آئي آهي؛ ۽ انهن جي واديءَ مان باقي بچيل اسقلون نيست نابود ڪيو ويو آهي: ڪيستائين تون پاڻ کي پيو وڍيندين؟


ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.


پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.


تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.


۽ پنهنجي ڪپڙن کي نہ، بلڪ پنهنجي دل کي ڦاڙيو، ۽ خداوند پنهنجي خدا ڏي ڦرو: ڇالاءِ جو هو مهربان ۽ رحم ڀريو آهي، ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو آهي؛ وٽس گهڻي رحمت آهي، ۽ هو غضب ڪرڻ کان ڦري ٿو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا ٻار آهيو: اوهين مئلن جي لاءِ پنهنجي بت تي وڍ نہ وجهجو، نڪي پنهنجي پنبڻين جي وچ جا وار ڪوڙائجو.


۽ بني اسرائيل جي ساري جماعت سيلا ۾ اچي گڏ ٿي، ۽ جماعت وارو تنبو اُتي کوڙيائون: ۽ اُهو ملڪ سندن تابع ٿيو.


۽ يوسف جا هڏا، جي بني اسرائيل مصر مان آندا هئا، سي بہ هنن سڪم ۾، انهيءَ زمين جي ٽڪر ۾ دفن ڪيا، جو يعقوب سڪم جي پيءُ حمور جي پٽن کان ناڻي جي هڪ سؤ سڪن تي خريد ڪيو هو: ۽ اُهي يوسف جي اولاد جي موروثي ملڪيت ٿيا.


انهي طرح جيستائين خدا جو گهر سيلا ۾ هو، تيستائين ميڪاہ واري اُڪريل مورت هنن پاڻ وٽ بيهاري رکي.


۽ ابيملڪ بن يروبعل پنهنجي مامن وٽ سڪم ۾ ويو، ۽ انهن کي، ۽ پنهنجي ناني جي گهراڻي واري قبيلي کي چيائين، تہ


۽ سال بسال جڏهن هوءَ خداوند جي گهر ڏي ويندي هئي تڏهن هن کي چيڙائيندي هئي: تنهنڪري هوءَ روئندي هئي، ۽ ماني ڪين کائيندي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ