پر ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو تہ اسماعيل بن نتنياہ، بن اليشع، جو شاهي نسل جو هو، ڏهہ ماڻهو پاڻ سان وٺي آيو، ۽ جدلياہ کي اهڙو ڌڪ هنيائين جو هو مري ويو، ۽ جيڪي يهودي ۽ ڪلدي هن سان گڏ مصفاہ ۾ هئا تن کي بہ ماريائين.
هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو.
جنهن بابل جي بادشاهہ جو اوهان کي ڊپ آهي، تنهن کان نہ ڊڄو؛ خداوند ٿو فرمائي تہ انهي جو ڪوبہ ڊپ نہ رکو، ڇالاءِ جو اوهان کي بچائڻ لاءِ ۽ هن جي هٿان ڇڏائڻ لاءِ، آءٌ اوهان سان آهيان.