Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 41:10 - Sindhi Bible

10 تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن اتي جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا تن سڀني کي اسماعيل قيد ڪري مصفاہ مان وٺي ويو. قيد ٿي وڃڻ وارن ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ جون ڌيئر ۽ اتي رهندڙ اهي سڀ ماڻهو شامل هئا، جن مٿان محافظن جي سالار نبوزرادان جِدلياہ ولد اخيقام کي گورنر مقرر ڪيو هو. اسماعيل انهن کي وٺي بني عمون جي علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 41:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن هو ڏاڍا رنج ٿيا تہ ڪو ماڻهو بني اسرائيل جي ڀلائي ڪرڻ لاءِ آيو هو.


پر جڏهن سنبلط حوروني، ۽ طوبياہ نالي عموني غلام، ۽ جشم عربي، اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن اسان تي کلون ۽ ٺٺوليون ڪيائون، ۽ اسان کي ڌڪارڻ لڳا، ۽ چيائون تہ هي ڪهڙو ڪم آهي جو اوهين ڪريو ٿا؟ اوهين بادشاهہ کان باغي ٿيندا ڇا؟


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين هن ماڻهوءَ کي بي اولاد ڪري لکو، اهڙو ماڻهو جو پنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ سکيو نہ رهندو: ڇالاءِ جو ڪوبہ ماڻهو سندس نسل مان اهڙو اقبال وارو نہ ٿيندو جو دائود جي تخت تي ويهي، ۽ وري اڳتي يهوداہ ۾ بادشاهي ڪري.


پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.


تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.


۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو.


هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ