Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:5 - Sindhi Bible

5 هاڻي جڏهن اڃا هو موٽي نہ ويو هو، تڏهن هن چيس تہ موٽي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، ڏي وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي حاڪم مقرر ڪيو آهي، ۽ اُنهي سان گڏ قوم منجهہ رهہ: يا ٻيو جتي بہ توکي مناسب نظر اچي اُتي وڃ. پوءِ پهري وارن جي سردارن هنن کي کاڌو ۽ انعام ڏيئي روانو ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:5
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بادشاهہ خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عڪبور بن ميڪاياہ، ۽ سافن محرر ۽ عساياہ، بادشاهہ جي ملازم کي حڪم ڏنو، تہ


تڏهن خلقياہ ڪاهن، ۽ اخيقام، ۽ عڪبور، ۽ سافن، ۽ عساياہ، اُهي سڀيئي خلدہ نبيہ ڏانهن ويا، جا سلوم، بن تقوہ، بن خرخس، توشہ خاني جي داروغي جي زال هئي؛ (هاڻي اُها يروشلم جي ٻئي ڀاڱي ۾ رهندي هئي؛) ۽ انهن وڃي هن سان حال ڪيو.


۽ بادشاهہ خلقياہ، ۽ اخيقام بن سافن، ۽ عبدون بن ميڪاہ، ۽ سافن محرر، ۽ بادشاهہ جي نوڪر عساياہ کي چيو، تہ


خداوند اسان جي ابن ڏاڏن جو خدا شل برڪت وارو هجي، جنهن بادشاهہ جي دل ۾ اهڙي ڳالهہ وڌي آهي، تہ يروشلم ۾ جيڪو خداوند جو گهر آهي، سو سينگارجي؛


اهو عزرا بابل مان نڪتو؛ ۽ موسيٰ جي شريعت، جا خداوند اسرائيل جي خدا ڏني هئي، تنهن ۾ اهو هوشيار استاد هو: ۽ بادشاهہ هن کي، خداوند سندس خدا جو جيڪو مٿس هٿ هو، تنهن موجب، جيڪي گهريائين سو ڏنو.


اي خداوند، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان، تہ تون پنهنجي ٻانهي جي دعا ڏانهن، ۽ پنهنجن انهن ٻانهن جي دعا ڏانهن ڌيان سان ڪن ڏي، جي تنهنجي نالي کان ڊڄڻ ڪري خوش ٿين ٿا: ۽ آءٌ عرض ٿو ڪريان تہ اڄوڪي ڏينهن پنهنجي ٻانهي کي فتحياب ڪر، ۽ هن ماڻهوءَ جي اڳيان اُنهيءَ تي رحم ڪر. (هاڻي آءٌ بادشاهہ جو پيالا بردار هوس.)


جڏهن هو توکي هيٺ اُڇلائي وجهندو تڏهن تون چوندين تہ مٿي کڻڻ اِهو آهي؛ ۽ هو نماڻي شخص کي بچائيندو.


جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جا رستا خداوند کي راضي ڪن ٿا، تڏهن هو انهي جي دشمنن کي بہ هن سان صلح ۾ رهائي ٿو.


بادشاهہ جي دل خداوند جي هٿ ۾ پاڻيءَ جي نهرن وانگي آهي: هو انهيءَ کي جيڏانهن وڻيس ٿو تيڏانهن ڦيرائي ٿو.


خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.


پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.


يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان مان گهرائي، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جي حوالي ڪيو، ۽ حڪم ڪيائونس تہ انهي کي گهر وٺي وڃي: انهيءَ طرح هو قوم منجهہ رهڻ لڳو.


۽ هاڻي ڏس، اڄوڪي ڏينهن آءٌ توکي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جي تنهنجن هٿن تي آهن. جيڪڏهن مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ چڱو هجي تہ هل، ۽ آءٌ تنهنجي چڱي سنڀال ڪندس؛ پر جي مون سان گڏجي بابل ۾ هلڻ تنهنجي نظر ۾ خراب هجي تہ رهجي پئُہ: ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي؛ جتي توکي وڃڻ چڱو ۽ مناسب نظر اچي اُتي وڃ.


هاڻي ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو، تہ اسماعيل بن نتنياہ بن اليسمع، جو شاهي نسل جو هو، ۽ بادشاهہ جي مکيہ عهديدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جدلياہ بن اخيقام وٽ مصفاہ ۾ آيو؛ ۽ اُتي هنن مصفاہ ۾ گڏجي ماني کاڌي.


ڇالاءِ جو ڪسدين جي سبب هنن کي ڊپ هو، جو اسماعيل بن نتنياہ، جدلياہ بن اخيقام کي قتل ڪيو هو، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهيءَ زمين تي حاڪم مقرر ڪيو هو.


تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس،


۽ ٻئي ڏينهن اسين صيدون ۾ اچي پهتاسين؛ ۽ يوليس پولس تي مهرباني ڪئي، ۽ موڪل ڏنائينس تہ دوستن وٽ وڃي، ۽ تازگي حاصل ڪري.


پر صوبيدار جي مرضي هئي تہ پولس کي بچايان، سو هنن کي انهي ارادي کان روڪيائين؛ ۽ حڪم ڏنائين تہ جيڪي تري سگهن، سي پهرين جهاز مان ٽپو ڏيئي پاڻيءَ ۾ پون ۽ ڪناري تي وڃي پهچن:


اُنهن بہ اسان کي گهڻو مانُ ڏنو؛ ۽ جڏهن روانا ٿي ٿياسين، تڏهن جيڪي گهُربو هيوسين، سو جهاز تي آڻي رکيائون.


تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ