Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:2 - Sindhi Bible

2 ۽ پهري وارن جي سردار يرمياہ کي ڪڍي چيو تہ خداوند تنهنجي خدا هيءَ خرابي هن شهر تي پڌري ڪئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 آزاد ڪرڻ وقت محافظن جي سالار مون کي سڏائي چيو هو تہ ”هن ملڪ ۾ جيڪا آفت آئي آهي تنهن جو فرمان خداوند تنهنجي خدا جاري ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو لشڪرن جو خداوند، جنهن توکي زمين ۾ لڳايو، تنهن توتي خرابيءَ جو حڪم جاري ڪيو آهي، ۽ انهي جو سبب اسرائيل جي گهراڻي ۽ يهوداہ جي گهراڻي جي اُها بڇڙائي آهي جا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل جي اڳيان لوبان ساڙي مون کي ڪاوڙ ڏياري اٿن.


جن پئي لڌو اٿن تن سڀني هنن کي پئي ڳڙڪايو آهي: ۽ هنن جي دشمنن چيو تہ اسان جو قصور ڪونهي، ڇالاءِ جو هنن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي، يعني خداوند، جو سندن ابن ڏاڏن جي اميد هو.


پر پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهي زمين جي تمام غريب ماڻهن کي ڊاک جي منهہ جي سنڀال ۽ ڪڙمت ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويو.


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا؛


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌندين، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندين؛ تہ هي سڀ لعنتون توتي اينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.


تڏهن انهي ڏينهن مون کي ماڻهن تي ڏاڍي ڪاوڙ ايندي، ۽ آءٌ انهن کي ڇڏي ڏيندس، ۽ پنهنجو منهن انهن کان لڪائي ڇڏيندس، ۽ اهي کاڄ ٿي ويندا، ۽ گهڻيون ئي خرابيون ۽ مصيبتون مٿن اينديون؛ جنهن ڪري انهي ڏينهن اهي چوندا، تہ هي خرابيون اسان تي انهي ڪري نہ آيون آهن ڇا جو اسان جو خدا اسان منجهہ ڪونهي.


خداوند اهو ڏٺو، ۽ انهن کان نفرت ٿيس، ڇالاءِ جو انهي جي پٽن ۽ ڌين کيس ڪاوڙايو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ