Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:14 - Sindhi Bible

14 ۽ انهي کي چيائون تہ توکي خبر آهي يا نہ، تہ بني عمون جي بادشاهہ بعليس، اسماعيل بن نتنياہ کي تنهنجي جان وٺڻ لاءِ موڪليو آهي؟ پر جدلياہ بن اخيقام کي انهن جي ڳالهہ تي اعتبار ڪونہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هنن اچي کيس چيو تہ ”ڇا اوهان کي خبر ناهي تہ اسماعيل ولد نتنياہ نالي هڪ ماڻهوءَ کي بني عمون جي بادشاهہ بعليس اوهان کي قتل ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي؟“ پر جِدلياہ کي انهن جي ڳالهہ تي يقين نہ آيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڀلي تہ شرير سان مروت ڪرڻ ۾ اچي، انهي هوندي بہ هو سچائي نہ سکندو؛ سچائيءَ جي ملڪ ۾ هو برائي جي هلت ڪندو، ۽ خداوند جي عظمت تي نظر نہ ڪندو.


ادوم، ۽ موآب، ۽ بني عمون کي؛


تنهن کان سواءِ يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪر ميدانن ۾ هئا تن جا سڀ سردار جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا،


تڏهن اُهي مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ قريحہ جا پٽ يوحنان ۽ يونتن، ۽ سراياہ بن تنحومت، ۽ عيفي نطوفاتيءَ جا پٽ، ۽ يزنياہ بن معڪاتي، اُهي ۽ سندن ماڻهو.


هاڻي ستين مهيني ۾ هيئن ٿيو، تہ اسماعيل بن نتنياہ بن اليسمع، جو شاهي نسل جو هو، ۽ بادشاهہ جي مکيہ عهديدارن مان هڪڙو هو، سو ڏهن ماڻهن سميت جدلياہ بن اخيقام وٽ مصفاہ ۾ آيو؛ ۽ اُتي هنن مصفاہ ۾ گڏجي ماني کاڌي.


تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


تڏهن اسماعيل بن نتنياہ ۽ جيڪي ڏهہ ماڻهو ساڻس هئا، تن اُتي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، جنهن کي بابل جي بادشاهہ انهي ملڪ تي حاڪم مقرر ڪيو هو، تنهن کي ترار سان ڌڪ هنيون ۽ ڪُٺائونس،


اوهين ڪنهن دوست تي ڀروسو نہ رکو، ڪنهن سونهين تي ويساهہ نہ ڪريو: جيڪا تنهنجي جان سان لڳي سمهي ٿي، تنهن کان بہ پنهنجي وات جو در بند رک.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ