Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن سڀ يهودي جتي جتي هڪالجي ويا هئا اُتان موٽي يهوداہ جي ملڪ ۾ جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا، ۽ شراب، ۽ گرميءَ وارا ميوا بي انداز گڏ ڪرڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 تڏهن اهي جن هنڌن ڏانهن ڇڙوڇڙ ڪيا ويا هئا اتان موٽي يهوداہ ملڪ جي مصفاہ شهر ۾ جِدلياہ وٽ آيا، جتي هنن مئي ۽ اونهاري جا ميوا جھجھي مقدار ۾ گڏ ڪيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڪل گاهہ کڄي ويندو آهي ۽ سائو گاهہ پاڻيهي پيدا ٿيندو آهي، ۽ جبل جي ساوڪ لڻي گڏ ڪبي آهي.


تنهن ڪري آءٌ سبماہ جي ڊاک لاءِ يعزير جي ماتم وانگي رئندس؛ اي حسبون ۽ اليعالہ آءٌ توکي پنهنجن لڙڪن سان پاڻي ڏيندس: ڇالاءِ جو تنهنجن آرڙهہ جي ميون تي جنگ جو نعرو اچي پيو آهي.


باقي آءٌ، سو ڏسو، مصفاہ ۾ رهندس، انهيءَ لاءِ تہ جيڪي ڪسدي اسان وٽ ايندا انهن جي اڳيان بيهان: پر اوهين شراب، ۽ گرميءَ جا ميوا، ۽ تيل گڏ ڪريو، ۽ اُهي پنهنجن ٿانوَن ۾ وجهو، ۽ جي شهر اوهان ورتا آهن تن ۾ رهو.


تنهن کان سواءِ يوحنان بن قريحہ ۽ جيڪي لشڪر ميدانن ۾ هئا تن جا سڀ سردار جدلياہ وٽ مصفاہ ۾ آيا،


تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو، جي انهن سڀني قومن مان يهوداہ جي زمين ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا جنهن ۾ هو هڪالجي ويا هئا، تن کي ساڻ ورتو،


پر جڏهن کان اسان آسمان جي راڻيءَ جي لاءِ لوبان ساڙڻ ۽ ان جي لاءِ پيئڻ واريون قربانيون هارڻ ڇڏي ڏنو آهي، تڏهن کان وٺي اسين سڀني شين جا محتاج ٿيا آهيون.


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ