Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:11 - Sindhi Bible

11 ساڳيءَ طرح سڀيئي يهودي جي موآب ۽ بني عمون منجهہ، ۽ ادوم ۽ ٻين سڀني ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي، ۽ انهن تي جدلياہ بن اخيقام، بن سافن کي حاڪم مقرر ڪيو اٿس؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 ساڳيءَ طرح سڀيئي يهوداہ وارا جيڪي موآب، عمون، ادوم ۽ ٻين ملڪن ۾ هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بابل جو بادشاهہ ڪن ماڻهن کي ڇڏي ويو آهي ۽ انهن تي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن کي گورنر مقرر ڪيو اٿس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:11
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن عيسو، جنهن جو ٻيو نالو ادوم بہ ٿو سڏجي، سو وڃي شعير جبل ۾ رهڻ لڳو.


۽ هو الهندي پاسي فلستين جي ڪنڌ تي اُڏامي وڃي لهندا؛ گڏجي اڀرندي جي رهاڪن کي ڦريندا لٽيندا: اهي پنهنجو هٿ ادوم ۽ موآب تي ڊگهيريندا؛ ۽ بني عمون انهن جا تابعدار ٿيندا.


ڀلي تہ منهنجا جلاوطن تو سان رهن؛ تون موآب جي لٽيندڙن کان اَجهو ٿيءُ: ڇالاءِ جو ڦرمار ڪرڻ وارو ناس ڪيو ويندو، ڦرلٽ بند ٿي ويندي ۽ ظالم ملڪ مان چٽ ٿي نڪري ويندا.


آءٌ انهن کي اهڙو ڇڏي ڏيندس جو هو زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ مصيبت منجهہ دربدر ٿي ويندا؛ ۽ جن جن جاين تي آءٌ انهن کي هڪالي موڪليندس اُتي هو ملامت، ۽ پهاڪو، ۽ طعنو، ۽ لعنت ٿيندا.


تنهن کان پوءِ مصفاہ ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، يعني بادشاهہ جون ڌيئون ۽ ٻيا جيڪي ماڻهو مصفاہ ۾ بچيا هئا، ۽ جي پهري وارن جي سردار نبوزرادان جدلياہ بن اخيقام جي حوالي ڪيا هئا، تن کي اسماعيل قيد ڪري وٺي ويو: اسماعيل بن نتنياہ انهن کي قيد ڪري وٺي ويو، ۽ بني عمون ڏي لنگهي وڃڻ لاءِ روانو ٿيو.


يوحنان بن قريحہ، ۽ لشڪرن جي سڀني سردارن، يهوداہ جا باقي بچيل ماڻهو، جي انهن سڀني قومن مان يهوداہ جي زمين ۾ رهڻ لاءِ موٽي آيا هئا جنهن ۾ هو هڪالجي ويا هئا، تن کي ساڻ ورتو،


يعني مردن، ۽ زالن، ۽ ٻارن کي، ۽ بادشاهہ جي ڌيئن کي، ۽ انهن سڀني ماڻهن کي جن کي پهري وارن جو سردار نبوزرادان، جدلياہ بن اخيقام، بن سافن وٽ ڇڏي ويو هو، ۽ يرمياہ نبي ۽ باروڪ بن نيرياہ کي بہ؛


مصر، ۽ يهوداہ، ۽ ادوم کي، ۽ بني عمون ۽ موآب کي، ۽ انهن سڀني کي جن جي وارن جون ڪنڊون ڪتريل آهن، ۽ جي بيابان ۾ ٿا رهن: ڇالاءِ جو سڀ قومون اڻ طهريل آهن، ۽ اسرائيل جو سڄو گهراڻو دل ۾ اڻ طهريل آهي.


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ادوم يهوداہ جي گهراڻي کان بدلو وٺڻ ۾ هن کي ڏاڍو رنج ڪيو آهي، ۽ انهن کان پنهنجو وير ورتو اٿس؛


اي آدمزاد، پنهنجو رخ بني عمون ڏانهن رک ۽ انهن جي برخلاف نبوت ڪر:


ڇالاءِ جو خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ تو تاڙيون وڄايون آهن، ۽ پير زمين تي ٺوڪيا آهن، ۽ اسرائيل جي ملڪ تي پنهنجي دل جي نهايت نفرت ڏيکارڻ سان خوشي ڪئي اٿيئي؛


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي تہ موآب ۽ شعير چون ٿا تہ ڏسو يهوداہ جو گهراڻو ٻين سڀني قومن جهڙو آهي.


منهنجون رڍون سڀني جبلن تي، ۽ سڀ ڪنهن مٿانهين ٽڪريءَ تي رلنديون رهيون: هائو، منهنجون رڍون سڄي زمين تي پکڙجي ويون؛ ۽ اهڙو ڪوبہ ڪونہ هو جو انهن کي ڳولي يا پٺيان پئي هٿ ڪري.


جيئن تو اسرائيل جي گهراڻي جي ميراث جي ويران ٿيڻ تي خوشيون ڪيون، تيئن آءٌ توسان ڪندس: اي شعير جا جبل، تون ويران ٿيندين، ۽ سڄو ادوم بہ، بلڪ اهو سڄو ملڪ، ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


ڇالاءِ جو تو دشمني رکي آهي، ۽ پڇاڙيءَ واري بدڪاريءَ وقت، بني اسرائيل کي تو سندن مصيبت جي ترار جي حوالي ڪيو.


تنهنجو ٽيون حصو مريءَ سان مرندو ۽ اُهي تنهنجي وچ ۾ ڏڪار ڪري مري چٽ ٿي ويندا؛ ۽ ٽيون حصو تنهنجي چوڌاري ترار سان مارجي ويندو؛ ۽ ٽيون حصو آءٌ سڀني ڪُنڊن تي پکيڙي ڇڏيندس ۽ انهي جي پٺيان ترار ڪڍندس.


۽ انهن مان ڪي ٿورا کڻي پنهنجي دامن ۾ ٻڌي ڇڏ.


پوءِ بني اسرائيل اڳتي هليا ۽ يردن جي پرئين ڀر، موآب جي ميدان ۾، يريحو شهر جي سامهون اچي منزل ڪيائون.


۽ اسرائيلي شطيم ۾ رهڻ لڳا، ۽ ماڻهن موآٻين جي ڌيئرن سان زناڪاري ڪئي:


۽ انهن هنن ماڻهن کي پنهنجن معبودن جي قربانين جي موقعي تي اچڻ جي دعوت ڏني؛ ۽ هي ماڻهو اتي وڃي کائيندا، ۽ انهن جي معبودن جي اڳيان سجدو ڪندا هئا.


تنهن کان پوءِ ناحس عموني آيو، ۽ يبيس جلعاد جي سامهون اچي منزل ڪيائين: ۽ يبيس جي سڀني ماڻهن ناحس کي چيو، تہ اسان سان عهد ڪر تہ پوءِ اسين تنهنجي خدمت چاڪري ڪريون.


۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ