Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 40:1 - Sindhi Bible

1 جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي قيدين سان گڏ مون يرمياہ کي بہ زنجيرن ۾ ٻڌي اتان کان بابل ڏانهن جلاوطن ڪري نيو پئي ويو، تڏهن شاهي محافظن جي سالار نبوزرادان مون کي رامہ شهر ۾ ئي آزاد ڪرائي ڇڏيو. تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 40:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آسا جي بادشاهت جي ڇٽيهين سال ۾، اسرائيل جو بادشاهہ بعشا، يهوداہ تي ڪاهي آيو، ۽ رامہ ٻڌائين، انهيءَ لاءِ تہ ڪنهن کي بہ يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ اچڻ يا وڃڻ نہ ڏئي.


ڇو جو هن پتل جا دروازا ڀڃي ڇڏيا آهن، ۽ لوهہ جون تارون ڪپي ڇڏيون اٿس.


خدا اڪيلن کي خاندانن وارو ٿو ڪري: هو قيدين کي ڇڏائي آسودو ٿو ڪري: پر فسادي سڪيءَ زمين ۾ ٿا رهن.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رامہ ۾ هڪڙو رئڻ ۽ رڙڻ جو آواز ٿو ٻڌجي؛ راخل پنهنجي ٻارن لاءِ روئي ٿي ڇالاءِ جو اُهي موجود ناهن، ۽ هن کي ڪابہ تسلي نٿي اچي.


انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.


۽ ڏهن ڏينهن کان پوءِ هيئن ٿيو تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو.


۽ اسان جي قيد جي ٻارهين سال ۾، ڏهين مهيني جي پنجين تاريخ، هيئن ٿيو تہ هڪڙو شخص، جو يروشلم مان ڀڄي نڪتو هو، تنهن مون کي اچي چيو تہ شهر تباهہ ٿي ويو آهي.


تنهن تي هن ورندي ڏني، تہ اوهين هي ڇا ٿا ڪريو، جو روئي رڙي منهنجي دل ٿا ڀڃو! ڇالاءِ جو آئون تہ خداوند يسوع جي نالي تي يروشلم ۾ نہ رڳو ٻَڌجڻ لاءِ تيار آهيان، پر مرڻ لاءِ بہ.


هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.


جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ