25 مون نهاريو پر ڪوبہ ماڻهو ڪونہ هو، ۽ هوا جا سڀ پکي اُڏامي ڀڄي ويا هئا.
25 مون هيڏي هوڏي نهاريو، ڇا ڏسان تہ ڪو ماڻهو ئي نظر نہ ٿي آيو، پکي بہ اُڏامي هليا ويا هئا.
ڪيستائين هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومائجي ويندي؟ اُتي جي رهڻ وارن جي بڇڙائيءَ ڪري جانور ۽ پکي ناس ٿي ويا آهن؛ ڇالاءِ جو هنن چيو تہ هو اسان جي پڇاڙي نہ ڏسندو.
جبلن جي لاءِ آءٌ رئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪندس ۽ بيابان جي چراگاهن لاءِ ماتم ڪندس، ڇالاءِ جو اُهي اهڙا سڙي ويا آهن جو ڪوبہ انهن مان نٿو لنگهي؛ ۽ نہ ماڻهو ڍورن جو آواز ٻڌي سگهن ٿا: هوا جا پکي توڙي جانور ڀڄي هليا ويا آهن.
خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڳالهين ڪري آءٌ هنن کي سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟
جنهنڪري سمنڊ جون مڇيون ۽ هوا جا پکي، ۽ جهنگ جا جانور، ۽ سڀ سرڻا جي زمين تي سُرن ٿا، ۽ سڀ ماڻهو جي زمين تي آهن، سي منهنجي اڳيان ڏڪندا، ۽ جبل هيٺ ڪري پوندا، ۽ وڏيون جايون ۽ ڀِتيون زمين تي هيٺ ڪري پونديون.
تنهنڪري هيءَ زمين ماتم ڪندي، ۽ جيڪو انهي ۾ رهندو سو جهنگ جي مرن ۽ هوا جي پکين سان گڏ ساڻو ٿيندو؛ هائو، سمنڊ جون مڇيون بہ گم ٿي وينديون.