Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 4:22 - Sindhi Bible

22 ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 خداوند فرمائي ٿو تہ ”بيشڪ منهنجي قوم بي‌عقل آهي، اها مون کي نہ ٿي سڃاڻي. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان آهن، جن کي ڪابہ سمجھہ ڪونهي. اُهي بڇڙائي ڪرڻ ۾ تہ ماهر آهن، پر نيڪي ڪرڻ نہ ٿا ڄاڻن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 4:22
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جيسين هن جو مالڪ گهر ۾ آيو، تيسين سندس ڪپڙو پاڻ وٽ رکي ڇڏيائين.


پر امنون جو هڪڙو دوست هوندو هو، جنهن جو نالو يوندب هو، جو دائود جي ڀاءُ سمعہ جو پٽ هو: ۽ يوندب ڏاڍو چالاڪ ماڻهو هو.


انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


هو پنهنجي هنڌ تي ليٽي بڇڙائيءَ جون رِٿون ٿو رٿي: ۽ خراب رستي تي وڃي ٿو بيهي: ۽ برائيءَ کان نفرت نٿو ڪري.


بدڪارن کي سمجهہ ڪانهي ڇا؟ ۽ اُهي منهنجن ماڻهن کي ائين ٿا کائي وڃن جيئن ماني کائبي آهي، ۽ خدا کان دعا نٿا گهرن.


هو نہ ڪجهہ ڄاڻن ٿا ۽ نہ سمجهن ٿا؛ ۽ اونداهيءَ ۾ هيڏانهن هوڏانهن پيا گهمن: زمين جون سڀ پيڙهيون پيون ڌڏن.


خراب ماڻهو انصاف نٿا سمجهن، پر جيڪي خداوند جا طالب آهن سي سڀ ڳالهيون سمجهن ٿا.


ڍڳو پنهنجي مالڪ کي سڃاڻي ٿو، ۽ گڏهہ پنهنجي ڌڻيءَ جو آهر ڄاڻي ٿو: پر اسرائيل کي اها بہ خبر ڪانهي، منهنجي قوم ويچار نٿي ڪري.


جڏهن هن جا ڏار ڪومائبا، تڏهن اهي ڀڃي ڇڏيا ويندا، ۽ زالون اچي انهن کي باهہ ڏينديون؛ ڇالاءِ جو انهيءَ قوم کي سمجهہ ڪانهي، تنهن ڪري سندن خالق کي مٿن رحم نہ ايندو، ۽ سندن جوڙيندڙ مٿن مهرباني ڪانہ ڏيکاريندو.


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


حبشي ڪو پنهنجي کل بدلائي سگهي ٿو ڇا يا ڪو چيتو پنهنجا چُٽا بدلائي سگهي ٿو ڇا؟ تڏهن اوهين بہ، جي بڇڙائي ڪرڻ تي هريل آهيو، سي چڱائي ڪري سگهندا.


ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.


ڪيستائين آءٌ اهو جهنڊو ڏسندس ۽ قرناءِ جو آواز ٻڌندس؟


اي بي عقل ۽ بي سمجهہ قوم، جنهن کي اکيون آهن ۽ ڏسي نٿي، ۽ جنهن کي ڪن آهن پر ٻڌي نٿي، هاڻي هيءُ ٻڌو:


تڏهن مون چيو تہ يقيناً اهي غريب آهن: هو بي عقل آهن؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جو رستو نٿا ڄاڻن، ۽ نہ پنهنجي خدا جي عدالت ٿا ڄاڻن؛


اڙي جي بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافر خانو هجي ها تہ چڱو هو؛ جو آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي منجهان نڪري وڃان ها! ڇالاءِ جو اُهي سڀ زناڪار ۽ دغاباز ماڻهن جي هڪڙي جماعت آهن.


۽ ڪوڙ جي لاءِ پنهنجي زبان ڪمان وانگي ٿا موڙين: ۽ هو ملڪ ۾ زور وارا ٿيا آهن، پر نہ سچ جي لاءِ: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو بڇڙائي ڏي وڌندا ٿا وڃن ۽ مون کي نٿا سڃاڻن.


۽ انهن مان هرڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي فريب ڏيندو ۽ سچ نہ چوندو: هنن پنهنجي زبان کي ڪوڙ ڳالهائڻ سيکاريو آهي؛ هو گناهہ ڪري پاڻ کي ٿڪائين ٿا.


خداوند ٿو فرمائي، تہ تنهنجي دل ڪهڙي نہ ضعيف آهي، ڇالاءِ جو تون اهي سڀ ڪم ڪرين ٿي جي هڪڙي حڪماڻي ڪڃري جا ڪم آهن.


اي بني اسرائيل، خداوند جو ڪلام ٻڌو: ڇالاءِ جو خداوند جو هن زمين جي رهاڪن سان هڪڙو تڪرار آهي، ڇالاءِ جو هن ملڪ ۾ نہ سچ آهي، نہ رحم، نہ خدا جي سڃاڻپ.


منهنجي قوم علم نہ هئڻ ڪري ناس ٿي ويئي آهي: تو معرفت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، تنهنڪري آءٌ توکي بہ رد ڪندس، تہ تون منهنجو ڪاهن نہ ٿين: جڏهن تو پنهنجي خدا جي شريعت وساري ڇڏي آهي، تڏهن آءٌ بہ تنهنجا ٻار وساري ڇڏيندس.


هنن جا ڪم هنن کي پنهنجي خدا وٽ موٽڻ نٿا ڏين: ڇالاءِ جو زناڪاريءَ جو خيال هنن جي وجود ۾ آهي، ۽ هو خداوند کي نٿا سڃاڻن:


ڇالاءِ جو خداوند فرمائي ٿو تہ هو چڱائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن، ۽ پنهنجن محلاتن ۾ هو زبردستي ۽ ڦرمار ڪري رکن ٿا.


ويل آهي انهن سان، جي بڇڙائي جون رٿون ٿا رٿين، ۽ پنهنجي هنڌن تي خراب ڪم ٿا ڪن! ۽ جڏهن صبح جي روشنائي ٿي ٿئي، تڏهن اُهي پورا ٿا ڪن، ڇالاءِ جو اهو هنن جي هٿ وسيڪو آهي.


هنن جا هٿ خراب ڪم ڪرڻ لاءِ چالاڪ آهن؛ حاڪم گهري ٿو وٺي ۽ قاضي رشوت وٺڻ لاءِ تيار آهي: ۽ جيڪو وڏو ماڻهو آهي سو پنهنجي روح جي خرابي ظاهر ٿو ڪري: ۽ انهي طرح هو بڇڙائيءَ لاءِ ٻڌي ٿا ڪن.


۽ سندس مالڪ اُنهي کوٽي گماشتي جا انصاف مڃيا، ڇالاءِ جو هن پڪائي ڪئي هئي! ڪيئن جو هن دنيا جا ٻار پنهنجي زماني ۾ روشني جي ٻارن کان وڌيڪ سياڻا آهن.


۽ اُهي ڳالهيون جو هو ڪندا، سو انهيءَ ڪري جو هنن نہ پيءُ کي سڃاتو آهي، ۽ نہ مون کي.


۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا،


۽ جهڙيءَ طرح هنن خدا کي سڃاڻڻ کان منهن موڙيو، تهڙيءَ طرح خدا بہ کين ناپسند خيالن ۾ ڇڏي ڏنو تہ نالائقيءَ جا ڪم ڪندا وتن؛


هن ڪري جو اوهان جي فرمانبرداري سڀني ماڻهن کي معلوم ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آئون اوهان جي ڪري ڏاڍو خوش ٿو ٿيان: پر منهنجي مرضي آهي تہ اوهين چڱين ڳالهين ۾ ڏاها، ۽ خراب ڳالهين ۾ ڀورڙا ٿي رهو؛


سمجهدار ڪوبہ ڪونهي، ڪوبہ اهڙو ناهي، جو خدا جو طالب هجي؛


اي ڀائرو، اوهين سمجهہ ۾ ٻار نہ ٿيو، بديءَ ۾ تہ ٻارڙا ٿيا، پر سمجهہ ۾ بالغ ٿيو.


ڇالاءِ جو اها قوم بي عقل آهي، ۽ منجهن ڪابہ سمجهہ ڪانهي.


اڙي بي عقل ۽ نادان قوم، اوهين خداوند کي اهو عيوضو ٿا ڏيو ڇا؟ هو اوهان جو ابو ناهي ڇا جنهن اوهان کي خريد ڪيو آهي؟ هن توکي جوڙيو، ۽ قائم ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ