Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 4:18 - Sindhi Bible

18 تنهنجي هلت ۽ تنهنجي ڪمن اهي واقعا تنهنجي سر تي آندا آهن؛ اها تنهنجي شرارت آهي؛ بيشڪ اها ڪَڙي آهي، جو تنهنجي دل تائين وڃي رسي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

18 اي يهوداہ وارؤ! اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي. اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي. اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 4:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بيوقوف ماڻهو پنهنجين خطائن ۽ بدڪارين جي ڪري ڏکن ۾ پيا آهن.


تنهن ڪري هو خود پنهنجي راهہ جو ڦل ڀوڳيندا، ۽ پنهنجين تجويزن سان ڍءُ ڪندا.


شرير کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون، ۽ هو پنهنجي گناهہ جي رسن سان ٻڌو ويندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


۽ جن ماڻهن وٽ هو نبوت ڪن ٿا سي ڏڪار ۽ ترار جي ڪري يروشلم جي گهٽين ۾ اُڇلايا ويندا، ۽ ڪوبہ انهن کي پورڻ وارو ڪونہ هوندو، نہ انهن کي نہ انهنجي زالن کي، نہ انهن جي پٽن، نہ انهن جي ڌيئن کي: ڇالاءِ جو آءٌ هنن جي شرارت مٿن اوتي وجهندس.


تو اهو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي ڇا، جو جڏهن تنهنجي خداوند خدا رستي ۾ تنهنجي سونهپ ڪئي، تڏهن تو هن کي ڇڏي ڏنو آهي؟


خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.


پوءِ يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ ۽ يهوداہ جي ماڻهن ڪو هن کي قتل ڪيو ڇا؟ هن خداوند کان ڊڄي خداوند جي مهربانيءَ جي لاءِ منٿ آزي نہ ڪئي ڇا؟ جنهن ڪري جنهن خرابي جو هنن جي برخلاف خداوند حڪم جاري ڪيو هو، تنهن کان ڦريو؟ انهيءَ طرح اسين پنهنجن جانين سان وڏي خرابي ڪنداسين.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن اوهين چوندا تہ خداوند اسان جي خدا ڇالاءِ اسان سان هي سڀ جُٺيون ڪيون آهن؟ تڏهن انهن کي چئج، تہ جيئن اوهان مون کي ڇڏي پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي عبادت پئي ڪئي آهي، تيئن اوهين بہ، جو ملڪ اوهان جو ناهي تنهن ۾ ڌارين جي ٻانهپ ڪندا.


اوهان جن بدڪارين اهي شيون ڦيرائي ڇڏيون آهن، ۽ اوهان جن گناهن اوهان کان چڱائي روڪي ڇڏي آهي.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


هن مون کي ڪَڙيءَ سان ڀري ڇڏيو آهي، هن ڪَڙيءَ ڪاٺيءَ سان مون کي ڍءُ ڏيئي ڇڏيو آهي.


مون هنن سان سندن ناپاڪائيءَ موجب ۽ سندن بدڪارين موجب هلت ڪئي؛ ۽ مون پنهنجو منهن هنن کان لڪايو.


هو پنهنجين دلين ۾ ايترو ويچار نٿا ڪن تہ آءٌ سندن سڀ شرارت ياد ڪريان ٿو: هاڻي هنن جي بڇڙن ڪمن کين چوڌاري آڻي وڪوڙيو آهي؛ هو منهنجي منهن اڳيان آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ