Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 4:17 - Sindhi Bible

17 ٻنيءَ جي راکن وانگي هو انهي کي چوڌاري وڪوڙيو بيٺا آهن؛ ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ هو مون کان باغي ٿي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اهو لشڪر يروشلم کي چوڌاري ائين وڪوڙي ڇڏيندو جيئن ڪنهن جاءِ جي چوڌاري پهريدار بيٺا هوندا آهن، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ خداوند خلاف بغاوت ڪئي آهي. خداوند ائين فرمايو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 4:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا ۽ تنهنجي برخلاف بغاوت ڪيائون، ۽ تنهنجي شريعت پنهنجي پٺ جي پٺيان اُڇلائي ڇڏيائون، ۽ جن تنهنجن نبين اُنهن کي تو ڏانهن موٽي اچڻ لاءِ نصيحت ڪئي، تن کي ڪُٺائون، ۽ وڏي ڪاوڙ ڏيارڻ جهڙا ڪم ڪيائون.


انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


۽ صيون جي ڌيءَ ائين ڇڏي ويئي آهي جيئن ڪا ڀُونگي ڊاک جي منهہ ۾، يا جيئن ڪا جهوپڙي ونگن جي واڙي ۾، يا جيئن ڪو گهيري ڪيل شهر.


ڇالاءِ جو اها باغي اُمت آهي، ۽ ڪوڙا ٻار آهن، اهڙا ٻار جي خداوند جي شريعت نٿا ٻڌن:


پر هن قوم جي دل فسادي ۽ سرڪش آهي؛ هنن فساد ڪيو ۽ هليا ويا.


۽ ان جي حڪومت جي نائين سال ۾، ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ نبوڪدرضر، بابل جو بادشاهہ، پنهنجو سڄو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو، ۽ اُن جي چوڌاري منزل ڪري لهي پيو؛ ۽ ان جي چوڌاري ساڻس وڙهڻ لاءِ دمدما جوڙيائون.


خداوند سچو آهي؛ ڇالاءِ جو آءٌ ان جي حڪم کان باغي ٿيو آهيان: اڙي سڀ قومون ٻڌو، آءٌ اوهان کي منٿ ٿو ڪريان، ۽ اوهين منهنجو ڏک ڏسو: منهنجون ڪنواريون ڇوڪريون ۽ منهنجا جوان مرد قيد ٿي ويا آهن.


يروشلم جي ڌيءَ وڏا گناهہ ڪيا آهن؛ تنهن ڪري هوءَ هڪڙي ناپاڪ شيءِ جهڙي ٿي پئي آهي: جيڪي اڳي عزت ڏيندا هئس سي سڀ هاڻي ڌڪارينس ٿا، ڇالاءِ جو انهن سندس اوگهڙ ڏٺي آهي: هائو؛ هوءَ ٿڌا ساهہ کڻي ٿي، ۽ پٺتي موٽي ٿي.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي انهي ڏينهن کان اوهين خداوند جي برخلاف فساد ڪندا ٿا اچو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ