Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 39:9 - Sindhi Bible

9 انهي کان پوءِ پهري وارن جو سردار نبوزرادان، شهر ۾ جيڪي ماڻهو بچيا هئا، ۽ جيڪي ڀڄي اچي ساڻس گڏيا هئا، ۽ باقي رهيلن ماڻهن مان جيڪي بچيا هئا، تن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 شهر ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيا هئا ۽ جيڪي اڳي ڀڄي بابلين سان وڃي مليا هئا، تن سڀني کي بابل جي شاهي محافظن جو سالار نبوزرادان قيد ڪري بابل ڏانهن وٺي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 39:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ مديانين هن کي مصر ۾ فوطيفار جي هٿ وڪڻي ڇڏيو، جو فرعون جو هڪڙو حاڪم ۽ پهريدار سپاهين جو ڪپتان هو.


۽ جيڪي پٽ تو مان پيدا ٿيندا جي تون ڄڻيندين، سي هو وٺي ويندا؛ ۽ اُهي بابل جي بادشاهہ جي محلات ۾ نوڪر ٿيندا.


باقي جيڪي ماڻهو شهر ۾ بچيا، ۽ جيڪي نڪري وڃي بابل جي بادشاهہ سان شامل ٿيا، تن کان سواءِ ٻيا سڀ پهري وارن جو سردار نبوزرادان قيد ڪري وٺي ويو.


۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.


تنهن ڪري منهنجي قوم قيد ۾ ويئي آهي، يعني علم نہ رکڻ ڪري: ۽ انهن جا آبرو وارا ماڻهو بک ٿا مرن، ۽ انهن جا عام ماڻهو اُڃ سان پاهہ ٿا ٿين.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن وقت هن ملڪ جي رهاڪن کي کانڀاڻيءَ سان اُڇلائي ڇڏيندس، ۽ انهن کي اهڙو تنگ ڪندس جو پاڻهي ياد ڪندا،


تنهن ڪري آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي اُنهيءَ ملڪ ۾ اُڇلائيندس، جنهن جي اوهان کي خبر ئي ڪانهي، نڪي اوهان کي، نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي؛ ۽ اُتي اوهين ڏينهن رات ٻين معبودن جي عبادت ڪندا؛ ڇالاءِ جو آءٌ اوهان کي ڪابہ مهرباني ڪانہ ڏيکاريندس.


۽ جيئن اُهي خراب هئڻ ڪري کائڻ جي لائق ناهن: تيئن، خداوند ٿو فرمائي تہ يقيناً، آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس اميرن کي ۽ يروشلم جا باقي ماڻهو جي انهيءَ زمين ۾ رهيل آهن تن کي، ۽ جيڪي مصر جي ملڪ ۾ رهن ٿا تن کي آءٌ ڇڏي ڏيندس:


۽ صدقياہ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ جي يهودي وڃي ڪسدين سان گڏيا آهن تن کان آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو مون کي انهن جي حوالي ڪن ۽ هو مون تي کل ٺٺولي ڪن.


جڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان يرمياہ کي زنجيرن سان ٻڌل، يروشلم ۽ يهوداہ جي سڀني قيدين سان قيد ڪري بابل ڏي وٺي ٿي ويو، تڏهن هن رامہ ۾ هن کي ڇڏي ڏنو، ۽ تنهن کان پوءِ خداوند وٽان يرمياہ تي هي ڪلام نازل ٿيو.


هاڻي جڏهن لشڪرن جا سردار جي ميدان ۾ هئا، تن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ بن اخيقام کي انهيءَ ملڪ جو حاڪم ڪيو آهي، ۽ انهي کي سڀ مرد، ۽ زالون، ۽ ٻار، ۽ ملڪ جا تمام غريب ماڻهو، ۽ جيڪي قيدي ٿي بابل ڏي نہ موڪليا ويا هئا، سي سڀ حوالي ڪري ڏنا اٿس؛


۽ پهري وارن جي سردار نبوزرادان انهن کي وٺي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو.


۽ بابل جي بادشاهہ حمات جي زمين ۾ ربلہ منجهہ انهن کي مارائي ڇڏيو. انهي طرح يهوداہ قيد ٿي پنهنجي زمين مان نڪري ويو.


تڏهن بادشاهي پهري وارن جو سردار، جو بابل جي ڏاهن ماڻهن کي قتل ڪرڻ لاءِ نڪتو هو، تنهن کي داني ايل سمجهہ ۽ سياڻپ سان ورندي ڏني؛


۽ آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ دربدر ڪندس، ۽ اوهان جي پٺيان ترار ڪڍندس: ۽ اوهان جو ملڪ ويران، ۽ اوهان جا شهر غير آباد ٿي ويندا.


۽ خداوند اوهان کي قومن ۾ دربدر ڪندو، ۽ جن قومن ۾ خداوند اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو شمار گهڻو گهٽجي ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ