Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 39:7 - Sindhi Bible

7 تنهن کان سواءِ هن صدقياہ جون اکيون بہ ڪڍي ڇڏيون ۽ زنجيرن ۾ ٻڌايائينس انهيءَ لاءِ تہ بابل ڏي وٺي وڃيس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍائي کيس زنجيرن ۾ بند ڪرايو تہ جيئن کيس بابل ڏانهن نيو وڃي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 39:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين اڳيان ڪُٺائون، ۽ صدقياہ جون اکيون ڪڍي ڇڏيائون، ۽ پوءِ هن کي زنجير وجهي بابل ڏانهن کڻي ويا.


آءٌ تنهنجي قانونن تي عمل ڪندس: مون کي بلڪل ڇڏي نہ ڏي.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ توکي تنهنجي لاءِ ۽ تنهنجي سڀني دوستن جي لاءِ خوف جو سبب ڪندس: ۽ اُهي پنهنجن دشمنن جي ترار سان مرندا ۽ تنهنجون اکيون اهو ڏسنديون: ۽ آءٌ يهوداہ کي بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس، ۽ هو انهن کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي ويندو ۽ کين ترار سان قتل ڪري ڇڏيندو.


۽ تون انهي جي هٿان ڀڄي نہ ويندين، پر ضرور گرفتار ٿيندين، ۽ انهي جي هٿ ۾ ڏنو ويندين؛ ۽ تنهنجون اکيون بابل جي بادشاهہ جون اکيون ڏسنديون، ۽ هو تو سان روبرو ڳالهائيندو ۽ تون بابل ڏي ويندين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.


۽ هن صدقياہ جون اکيون ڪڍايون؛ ۽ بابل جو بادشاهہ هن کي زنجيرن ۾ ٻڌائي بابل ڏي کڻي ويو، ۽ سندس مرڻ جي ڏينهن تائين قيد ۾ رکيائينس.


آءٌ پنهنجو ڄار بہ هن تي پکيڙيندس، ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسي پوندو: ۽ آءٌ هن کي بابل ۾ ۽ ڪسدين جي ملڪ ۾ وٺي ايندس، تہ بہ هو انهي کي نہ ڏسندو، جيتوڻيڪ هو اُتي مرندو.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ