Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 39:3 - Sindhi Bible

3 بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 تڏهن بابل جي بادشاهہ جا سڀ علمدار جن ۾ نيرگل‌سراضر، سمگرنبو، سرسڪيم، ٻيو نيرگل‌سراضر نالي اعليٰ عملدار پڻ شامل هئا، سي اندر لنگھي آيا ۽ شهر جي وچين دروازي وٽ انتظام سنڀالي ويهي رهيا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 39:3
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ بابل جي ماڻهن سڪات بنات جوڙيو، ۽ ڪوت جي ماڻهن نيرگل جوڙيو، ۽ حمات جي ماڻهن اسيما جوڙيو.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ اُتر جي حڪومتن مان سڀني قبيلن کي سڏيندس؛ ۽ اُهي ايندا ۽ انهن مان هرڪو پنهنجو تخت يروشلم جي دروازن جي لنگهہ تي، ۽ آسپاس ان جي ڀتين جي سامهون ۽ يهوداہ جي سڀني شهرن جي سامهون قائم ڪندو.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.


تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:


تڏهن پهري وارن جي سردار نبوزرادان ۽ نبوشزبان، رب سريس، ۽ نير گل سراضر، رب مجہ ۽ بابل جي بادشاهہ جي سڀني مکيہ عملدارن، ماڻهو موڪلي،


هن جي گهوڙن جي گهڻائيءَ کان انهن جي مٽي توکي ڍڪي ڇڏيندي: جڏهن هو تنهنجن درن اندر گهڙي ايندو، جيئن ماڻهو ڀِت ڀڳل شهر ۾ گهڙي ايندا آهن، تڏهن تنهنجون ڀِتيون گهوڙي سوارن، ۽ گاڏن، ۽ گاڏين جي گوڙ تي لڏي وينديون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ