Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 39:17 - Sindhi Bible

17 پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 پر انهيءَ ڏينهن آءٌ تو کي ڇڏائيندس ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو، تن جي هٿن ۾ وڃڻ کان تو کي بچائيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 39:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن ڳالهين کان پوءِ خداوند جو ڪلام رويا ۾ ابرام تي نازل ٿيو، ۽ چيائينس تہ اي ابرام ڊڄ نہ، آءٌ تنهنجي ڍال ۽ تنهنجو وڏو انعام آهيان.


۽ دائود جاد کي چيو تہ آءٌ ڏاڍيءَ مشڪلات ۾ آهيان: هاڻي مناسب آهي تہ خداوند جي هٿ ۾ هلي پئون؛ ڇالاءِ جو هن جون وڏيون رحمتون آهن: آءٌ ماڻهو جي هٿن ۾ نہ پوان تہ چڱو.


۽ ايلياہ چيو تہ لشڪرن جي جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن جي اڳيان آءٌ بيٺو آهيان تہ اڄ ضرور آءٌ هن کي پاڻ ڏيکاريندس.


تڏهن عبدياہ اخي آب کي گڏجڻ ويو ۽ خبر ڏنائينس: ۽ اخي آب ايلياہ کي گڏجڻ ويو.


۽ هن ورندي ڏني تہ ڊپ نہ ڪر: ڇالاءِ جو جيڪي اسان سان آهن سي اُنهن کان وڌيڪ آهن، جي هنن سان آهن.


مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


۽ سفطياہ بن متان، ۽ جدلياہ بن فشحور، ۽ يوڪل بن سلمياہ، ۽ فشحور بن ملڪياہ، اُهي ڳالهيون ٻڌيون جي يرمياہ سڀني ماڻهن کي ٻڌايون، ۽ چيائين تہ


اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي.


تڏهن بادشاهہ جي حڪم ڪرڻ تي هو داني ايل کي وٺي آيا ۽ کڻي شينهن جي غار ۾ وڌائونس. هاڻي بادشاهہ داني ايل کي مخاطب ٿي چيو، تہ تنهنجو خدا، جنهن جي تون هميشہ عبادت ٿو ڪرين، سو توکي بچائيندو.


۽ بادشاهہ ورندي ڏيئي چوندن تہ آئون اوهان کي سچ ٿو چوان، تہ جڏهن اوهان منهنجن هنن ڀائرن مان سڀ کان ننڍي سان ائين ڪيو، تہ مون سان ائين ڪيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ