Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 39:16 - Sindhi Bible

16 وڃي عبد ملڪ ڪوشيءَ کي چئُہ، تہ لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ پنهنجون ڳالهيون هن شهر تي خرابيءَ جي لاءِ آڻيندس، نہ چڱائي جي لاءِ؛ ۽ اُهي انهي ڏينهن تنهنجي اڳيان پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”اي يرمياہ! تون وڃي عبدملڪ سوڊانيءَ کي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’آءٌ پنهنجيون چڱائيءَ واريون ڳالهيون نہ، بلڪ اڳ مقرر ڪيل مصيبت واريون ڳالهيون هن شهر تي آڻي پوريون ڪرڻ وارو آهيان. هائو، اهي مقرر ڏينهن تي تنهنجي اکين اڳيان پوريون ٿينديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 39:16
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ لاءِ تہ خداوند جو ڪلام يرمياہ جي واتان سچو ٿئي، جيسين ڪ ملڪ پنهنجا سبت ادا ڪيا: ڇالاءِ جو جيسين اهو ويران هو تيسين ستر ورهين تائين هن سبت ادا پئي ڪيا.


منهنجين اکين منهنجي مرضيءَ موجب دشمنن جو حال ڏٺو آهي، ۽ جيڪي بدڪار منهنجي برخلاف کڙا ٿيا هئا، تن جو حال منهنجيءَ مرضيءَ موجب منهنجن ڪنن ٻڌو آهي.


رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.


يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي نبوت ڪئي؛ ۽ هن يهوداہ جي سڄي قوم کي چيو تہ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ صيون ٻنيءَ وانگي کيڙيو ويندو، ۽ يروشلم پٿرن جو ڍڳ ٿي ويندو، ۽ هيڪل وارو جبل ٻيلي جي مٿانهن هنڌن جهڙو ٿيندو.


۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي:


ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ حڪم ڏئي هنن کي هن شهر ڏي آڻيندس؛ ۽ اُهي انهي سان وڙهندا، ۽ انهي کي وٺندا، ۽ باهہ سان ساڙيندا: ۽ آءٌ يهوداہ جي شهرن کي اهڙو ويران ڪندس جو ڪوبہ منجهن رهڻ وارو ڪونہ هوندو.


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي.


۽ خداوند اُها آندي آهي، ۽ جيئن چيو هئائين تيئن ڪيو اٿس: ڇالاءِ جو اوهان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي ۽ سندس حڪم نہ مڃيو آهي، تنهن ڪري هي حالت اوهان تي آئي آهي.


ڏس، آءٌ انهن تي نظرداري ڪريان ٿو، نہ چڱائيءَ لاءِ پر بڇڙائيءَ لاءِ: ۽ يهوداہ جا سڀ ماڻهو جي مصر جي زمين ۾ آهن، سي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ناس ڪيا ويندا، جيسين ڪ سندن پڄاڻي ٿيندي.


تنهن ڪري خداوند، لشڪرن جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، ڇالاءِ جو اوهين اهڙي ڳالهہ ٿا ڪريو تنهن ڪري آءٌ پنهنجو ڪلام تنهنجي وات ۾ باهہ ڪندس، ۽ هن قوم کي ڪاٺ ڪندس، ۽ اهو هنن کي ساڙي ٻاري ڇڏيندو.


۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.


۽ جيتوڻيڪ هو قيد ٿي پنهنجي دشمن جي اڳيان ويندا، تہ بہ اُتي آءٌ ترار کي حڪم ڪندس تہ هنن کي ڪُهي ڇڏي: ۽ آءٌ هنن تي بڇڙائي لاءِ نگاهہ ڪندس ۽ نہ چڱائيءَ لاءِ.


پر منهنجا حڪم ۽ منهنجا قاعدا، جي مون پنهنجن ٻانهن کي فرمايا، اُهي اوهانجن ابن ڏاڏن کي نہ پهتا ڇا؟ ۽ هنن ڦري چيو، تہ جيئن لشڪرن جي خداوند کي وڻيو، تيئن هن اوهان سان ڪيو، يعني اسان کي اسانجين راهن ۽ ڪمن جو بدلو ڏنو اٿس.


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ