Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:9 - Sindhi Bible

9 اي منهنجا ڌڻي بادشاهہ، هنن ماڻهن جيڪي يرمياہ نبيءَ سان ڪيو آهي سو بڇڙو آهي، جو هن کي بهري ۾ کڻي وڌو اٿن؛ ۽ جتي هو آهي اُتي هو ضرور بک کان مري ويندو: ڇالاءِ جو شهر ۾ وڌيڪ ماني ڪانهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! هنن ماڻهن يرمياہ نبيءَ سان ڏاڍي خراب هلت ڪئي آهي. هن کي کوهہ ۾ کڻي اڇلايو اٿن، جتي هو بک وگھي مري ويندو، ڇاڪاڻ تہ شهر ۾ ڪو کاڌو نہ آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:9
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو آءٌ وڏيءَ جماعت کان ڊنس، ۽ قبيلن جي ڌڪار مون کي ڊيڄاريو آهي، جنهن ڪري آءٌ ماٺ ڪري ويٺس ۽ در کان ٻاهر نہ نڪتس.


۽ آءٌ هنن کي سندن پٽن جو گوشت ۽ سندن ڌيئن جو گوشت کارائيندس، ۽ جنهن گهيري ۽ تنگيءَ سان هنن جا دشمن ۽ هنن جي ساهہ جا طالب، هنن کي تنگ ڪندا، تنهن ۾ هنن مان هرڪو پنهنجي دوست جو گوشت کائيندو.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.


تڏهن بادشاهہ عبد ملڪ ڪوشيءَ کي حڪم ڏيئي چيو تہ هتان پاڻ سان ٽيهہ ماڻهو وٺي وڃ، ۽ يرمياہ نبيءَ کي مرڻ کان اڳي ٻاهر ڪڍ،


تڏهن عبد ملڪ بادشاهہ جي گهر مان نڪري وڃي بادشاهہ کي چيو، تہ


پر انهي ڏينهن، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ توکي ڇڏائيندس: ۽ جن ماڻهن کان تون ڊڄين ٿو انهن جي هٿن ۾ نہ ڏنو ويندين.


چوٿين مهيني جي نائين تاريخ شهر ۾ اهڙو ڏڪار اچي پيو جو انهيءَ ملڪ جي ماڻهن لاءِ ماني ڪانہ لڌي.


ان جا سڀ ماڻهو آهون ٿا ڪن، اُهي مانيءَ جي ڳولا ۾ آهن؛ هنن پنهنجي مزي جهڙيون شيون ڏيئي ڇڏيون آهن تہ سندن جان کي تازي ڪرڻ لاءِ کاڌو ملي: اي خداوند ڏس ۽ نظر ڪر، ڇالاءِ جو آءٌ ذليل ٿي پئي آهيان.


هنن منهنجي حياتي قيد ۾ وڍي ڇڏي آهي، ۽ مون تي پٿر رکي ڇڏيو اٿن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ