Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:3 - Sindhi Bible

3 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو، ۽ اُهو هن کي وٺندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 خداوند جا هي لفظ بہ مون ٻڌايا پئي تہ ”هي شهر ضرور بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اهو مٿس قبضو ڪري وٺندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.


خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.


جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ويندو، ۽ جيڪي ڪسدي اوهان کي گهيرو ڪري ويٺا آهن، تن ۾ ڀڄي وڃي پوندو، سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي.


هاڻي جيڪو بادشاهہ دائود جي تخت تي ويٺو آهي، تنهن بابت، ۽ جيڪي ماڻهو هن شهر ۾ رهن ٿا ۽ اوهان جا ڀائر جي اوهان سان گڏ قيد ٿي نہ ويا آهن تن سڀني بابت، خداوند هيئن ٿو فرمائي؛


۽ ڪسدي وري ايندا ۽ هن شهر سان وڙهندا؛ ۽ هو انهي کي وٺندا؛ ۽ باهہ سان ساڙيندا.


پر جي تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري نہ ويندين، تہ هي شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويندو ۽ اُهي هن کي باهہ سان ساڙيندا ۽ تون انهن جي هٿان ڀڄي نہ نڪرندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ