Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:17 - Sindhi Bible

17 تڏهن يرمياہ صدقياہ کي چيو تہ خداوند، لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي اميرن ڏي نڪري ويندين تہ پوءِ تنهنجي جان بچندي، ۽ هي شهر باهہ سان ساڙيو نہ ويندو؛ ۽ تون جيئرو رهندين ۽ تنهنجو گهراڻو بہ:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن مون صدقياہ کي چيو تہ ”قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’جيڪڏهن تون بابل جي بادشاهہ جي سالارن اڳيان آڻ مڃيندين تہ پوءِ تو کي جيئدان ملندو ۽ تون ۽ تنهنجو خاندان جيئرا رهندءُ. تڏهن هن شهر کي بہ نہ ساڙيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري تون چئج تہ آءٌ هن جي ڀيڻ آهيان. اهڙيءَ طرح تنهنجي ڪري منهنجو ڀلو ٿيندو، ۽ تنهنجي سببان منهنجي جان بچي پوندي.


۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين جي قيد ٿيڻ جي ستٽيهين ورهيہ جي ٻارهين مهيني جي ستاويهين تاريخ هيئن ٿيو تہ اِويل مرودڪ، بابل جي بادشاهہ، پنهنجي بادشاهيءَ جي شروع ڪرڻ واري سال ۾ يهوداہ جي بادشاهہ يهوياڪين کي قيد مان ڪڍي سرفراز ڪيو؛


ڀلي تہ تنهنجو نالو قائم ۽ عظيم ٿئي، ۽ چيو وڃي تہ لشڪرن جو خداوند اسرائيل جو خدا آهي، يعني اسرائيل لاءِ خدا: ۽ تنهنجي ٻانهي دائود جو گهراڻو تنهنجي اڳيان قائم آهي.


تڏهن انهن قيدين جي گناهہ ڪري، جيڪي اسرائيل جي خدا جي حڪمن کان ڏڪيا ٿي، سي سڀ مون وٽ اچي گڏ ٿيا؛ ۽ آءٌ شام جي قربانيءَ تائين ماٺ ڪيو حيران ٿيو ويٺو هوس.


پر هو هڪڙي خيال جو آهي ۽ ڪير هن کي ڦيرائي سگهندو؟ جيڪي سندس روح ٿو چاهي اهو ئي هو ڪري ٿو.


اي لشڪرن جا خدا، اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ موٽي اچ آسمان مان نهاري ڏس ۽ هن ڊاک تي نظر ڪر.


اي لشڪرن جا خدا، اسان کي وري بحال ڪر، پنهنجو چهرو چمڪاءِ تہ اسين بچي پونداسين.


۽ مون انهن سڀني ڳالهين بابت يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چيو تہ اوهين پنهنجون ڳچيون بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ آڻي وجهو، ۽ انهي جي ۽ سندس قوم جي خدمت ڪريو تہ جيئرا رهو.


انهن جي نہ ٻڌو؛ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو تہ جيئرا رهو: ڇو هي شهر ويران ٿئي؟


۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا قوم ۽ حڪومت انهيءَ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي خدمت نہ ڪندي، ۽ پنهنجي ڳچي بابل جي بادشاهہ جي پاڃاريءَ ۾ نہ وجهندي، تنهن قوم کي، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان سزا ڏيندس، جيئن ڪ انهي جي هٿان هنن کي کپائي چٽ ڪري ڇڏيان.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو هن شهر ۾ رهندو سو ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ مرض سان مرندو: پر جيڪو نڪري ڪسدين ڏي ويندو سو جيئرو رهندو، ۽ انهي جي حياتي سندس لاءِ غنيمت ٿيندي ۽ اُهو جيئرو رهندو.


بابل جي بادشاهہ جا سڀ امير اندر لنگهي آيا ۽ وچين دروازي ۾ ويهي رهيا، يعني نير گل سراضر سمگرنبو، سرسڪيم، رب سريس، نيرگل سراضر، رب مجہ، ۽ ٻيا سڀ بابل جي بادشاهہ جا باقي امير.


۽ جدلياہ بن اخيقام، بن سافن، قسم کڻي اُنهن کي ۽ انهن جي ماڻهن کي چيو، تہ ڪسدين جي نوڪري ڪرڻ کان نہ ڊڄو: انهيءَ ملڪ ۾ رهو ۽ بابل جي بادشاهہ جي خدمت چاڪري ڪريو، تہ اوهان جو ڀلو ٿيندو.


تنهن ڪري هاڻي خداوند، لشڪرن جو خدا، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇو اوهين پنهنجن جانين جي برخلاف هيءَ وڏي خرابي ٿا ڪريو، جو يهوداہ جي وچان اوهان مان مرد، ۽ زال، ۽ ٻار ۽ کير پياڪ وڍيا وڃن، ۽ ڪوبہ ڪونہ بچي؛


۽ ڏسو، اسرائيل جي خدا جو جلال، جهڙي طرح مون ميدان ۾ ڏٺو هو، تهڙي طرح اُتي بہ ڏٺم.


تنهنڪري خداوند ٿو فرمائي، جنهن جو نالو لشڪرن جو خدا آهي، تہ آءٌ اوهان کي قيد ڪري دمشق جي پريان موڪليندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ