Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:14 - Sindhi Bible

14 تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي مون يرمياہ کي خداوند جي گھر جي ٽئين دروازي وٽ پاڻ وٽ گھرايو. بادشاهہ مون کي چيو تہ ”آءٌ تو کان هڪڙي ڳالهہ پڇان ٿو، مون کان ڪجھہ بہ نہ لڪائجانءِ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:14
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي.


۽ سندس دسترخاني جو طعام، ۽ سندس نوڪرن جو ويهڻ، ۽ سندس خدمت گارن جو حاضر رهڻ، ۽ اُنهن جي پوشاڪ، ۽ سندس شراب پيارڻ وارا، ۽ جنهن ڏاڪڻ تان چڙهي هو خداوند جي گهر ويندو هو، اُها ڏٺائين: تڏهن هوش حواس اُڏامي ويس.


۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


۽ گهر جي اندر سبت جي لاءِ جيڪو ڍڪيل رستو جوڙايو هئائون، ۽ ٻاهران جيڪو بادشاهہ جي گهڙڻ جو در هو، سو اسور جي بادشاهہ جي ڪري هن ڦيرائي خداوند جي گهر ڏانهن ڪيو.


تڏهن بادشاهہ چيس تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيان تہ تون خداوند جي نالي تي مون کي سچ ٻڌاءِ.


خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ هن کي ماڻهو موڪلي گهرائي ورتو: ۽ بادشاهہ پنهنجي گهر ۾ ڳجهيءَ طرح هن کان پڇيو تہ خداوند وٽان ڪو ڪلام آيو آهي يا نہ؟ ۽ يرمياہ چيو تہ آيو آهي، هن هيترو بہ چيو تہ تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.


ڇالاءِ جو اوهان خود پنهنجن دلين ۾ دغابازي ڪئي آهي؛ جو اوهان مون کي خداوند پنهنجي خدا ڏي، هيئن چئي موڪليو تہ خداوند اسان جي خدا کان اسان جي لاءِ دعا گهر؛ ۽ جيڪي خداوند اسان جو خدا فرمائي ان موجب اسان کي خبر ڏي تہ اسين ائين ڪريون:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ