Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 38:13 - Sindhi Bible

13 انهي طرح هنن رسن سان يرمياہ کي مٿي ڪيو، ۽ بهري مان ڪڍي ٻاهر آندائونس: ۽ يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 اهڙيءَ طرح هنن مون کي رسن سان مٿي کنيو ۽ کوهہ مان ڪڍي ٻاهر آندائون. پوءِ مون کي وري محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ رکيو ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 38:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ اُتان مدياني سوداگر اچي لنگهيا؛ ۽ هنن يوسف کي کڏ مان ڪڍي ٻاهر ڪيو، ۽ کيس اسماعيلين جي هٿ چانديءَ جي ويهن سڪن تي وڪڻي ڇڏيائون. ۽ اهي يوسف کي مصر ۾ وٺي ويا.


۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


ڀت جي در جي سامهون جيڪو ٺلهہ پهري وارن جي ايوان جي ڀر ۾ بادشاهہ جي مٿين گهر کان نڪتو بيٺو آهي، تنهن جي سامهون، فلال بن اوزي مرمت ڪئي. انهيءَ کانپوءِ فداياہ بن پرعوس مرمت ڪئي.


خوني ماڻهو ڪامل انسان کي ڌڪاري ٿو، پر سچا ماڻهو هن جي ساهہ بچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.


تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.


هاڻي انهي وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يروشلم کي گهيرو ڪيو هو: ۽ يرمياہ نبي پهري وارن جي ايوان ۾ بند هو، جو يهوداہ جي بادشاهہ جي گهر ۾ آهي.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم ڏنو ۽ هنن يرمياہ کي پهري وارن جي ايوان ۾ آڻي ويهاريو، ۽ ڏهاڙي نانواين جي گهٽيءَ مان هن کي هڪڙي ماني آڻي ڏيندا هئا، جيسين ڪ شهر ۾ جيڪا ماني هئي سا سڀ کپي ويئي. انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهيو پيو هو.


۽ عبدملڪ ڪوشيءَ يرمياہ کي چيو تہ هاڻي اهي پراڻا ردي ڪپڙا ۽ ڳريل اڳڙيون رسن جي هيٺان پنهنجن بغلن ۾ رک، ۽ يرمياہ ائين ئي ڪيو.


انهيءَ طرح يرمياہ پهري وارن جي ايوان ۾ رهندو آيو، جيسين ڪ يروشلم جي وٺجڻ جو ڏينهن اچي پهتو. ۽ جڏهن يروشلم ورتو ويو تڏهن هيئن ٿيو، تہ


تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.


اي خداوند تو منهنجي روح جي طرفان حجت دليل ڪيا؛ تو منهنجي جان ڇڏائي آهي.


تڏهن چوڻ لڳو تہ جڏهن تنهنجا مدعي ايندا تہ پوءِ آئون تنهنجو مقدمو هلائيندس: ۽ حڪم ڏنائين تہ هيروديس جي درٻار واريءَ جاءِ ۾ پهري هيٺ رکوس.


پر جڏهن ٻہ ورهيہ گذري ويا، تڏهن فيلڪس جي جاءِ تي پرڪيوس فيستس آيو؛ ۽ فيلڪس جي مرضي هئي تہ يهودين ۾ سرخرو ٿيان، تنهنڪري پولس کي قيد ۾ ئي ڇڏي هليو ويو.


۽ جڏهن روم ۾ پهتاسين، تڏهن پولس کي خلاصو رهڻ جي موڪل ملي، پر هڪڙو سپاهي مٿس پهرو ڏيندو هو.


۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ