Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 37:7 - Sindhi Bible

7 خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ۽ جن کي صدقياہ بادشاهہ خدا کان دعا گھرڻ لاءِ مون ڏانهن موڪليو هو، تن جي معرفت مون صدقياہ بادشاهہ کي خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي فرمان چوائي موڪليو تہ ”فرعون جو لشڪر جيڪو تنهنجي مدد لاءِ نڪتو آهي سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏانهن هليو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 37:7
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر يهوداہ جو بادشاهہ، جنهن اوهان کي خداوند کان پڇا ڪرڻ لاءِ موڪليو آهي، تنهن کي اوهين چئجو تہ خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ جيڪو ڪلام تو ٻڌو آهي، تنهن جي بابت،


۽ مصر جو بادشاهہ وري پنهنجي ملڪ کان ٻاهر نہ نڪتو: ڇالاءِ جو بابل جي بادشاهہ مصر جي نهر کان وٺي فرات نديءَ تائين مصر جي بادشاهہ جو جيڪو ملڪ هو، سو سڀ هٿ ڪيو هو.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


ڇالاءِ جو مصر جي مدد اجائي ۽ بي فائدي آهي: تنهن ڪري مون انهيءَ کي رهب سڏيو آهي، جا ماٺ ڪري ٿي ويهي.


ڏس، تون انهي چٿيل ڪانهي جي لٺ تي، يعني مصر تي ڀروسو ٿو ڪرين، جنهن تي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ٽيڪ ڏئي تہ سندس هٿ ۾ گهڙي ونڌي ڇڏيس: مصر جو بادشاهہ فرعون بہ انهن سڀني لاءِ هڪ اهڙو آهي، جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


۽ هاڻي سيحور جي پاڻي پيئڻ لاءِ مصر ڏي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ يا فرات نديءَ جي پاڻي پيئڻ لاءِ اسور جي وڃڻ واري رستي تي تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟


تون پنهنجي رستي بدلائڻ لاءِ ڇو ٿي رلين؟ جيئن تون اسور جي ڪري شرمندي ٿي هئينءَ تيئن مصر جي ڪري بہ شرمندي ٿيندينءَ.


انهيءَ مان بہ تون پنهنجا هٿ مٿي تي رکي نڪري ويندينءَ: ڇالاءِ جو خداوند تنهنجو ڀروسو رد ڪيو آهي، ۽ انهي جي ڪري تون ڪامياب نہ ٿيندينءَ.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ وٽ انهي وقت آيو جڏهن صدقياہ بادشاهہ هن ڏي فشحور بن ملڪياہ، ۽ صفنياہ بن مسعياہ ڪاهن جي هٿان چوائي موڪليو، تہ


آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ اسان جي نسبت ۾ خداوند کان پڇ: ڇالاءِ جو نبوڪدنضر، بابل جو بادشاهہ اسان سان جنگ ٿو ڪري: من خداوند اسان سان پنهنجن سڀني عجيب ڪمن موجب اهڙو سلوڪ ڪري، جو هو اسان وٽان نڪري هليو وڃي.


۽ صدقياہ بادشاهہ، يهوڪل بن سلمياہ، ۽ صفنياہ بن معسياہ ڪاهن کي، يرمياہ نبيءَ ڏي چوائي موڪليو تہ اسان جي لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گهر.


۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.


۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


يروشلم جي ڌيءَ پنهنجي ڏک ۽ پنهنجن مصيبتن جي ڏينهن ۾، پنهنجن قديم وقت وارن مزي جهڙين شين کي ياد ٿي ڪري: جڏهن ان جا ماڻهو دشمن جي هٿ چڙهيا، ۽ ڪوبہ مدد ڪرڻ وارو ڪونہ هوس، تڏهن دشمنن کيس ڏٺو، ۽ سندس ويرانيءَ تي ٺٺوليون ڪيون.


اسان جون اکيون اسان جي مدد لاءِ نهاري نهاري ڪمزور ٿي ويون آهن؛ پنهنجي انتظار ڪڍڻ ۾ اسان اهڙيءَ قوم جي لاءِ انتظار پئي ڪيو آهي جا بچائي نٿي سگهي.


نڪي فرعون پنهنجي زور واري لشڪر ۽ وڏي ميڙ سان جنگ ۾ هن لاءِ ڪجهہ ڪندو، کڻي هو بند ٻڌندا ۽ قلعا جوڙيندا، انهي لاءِ تہ گهڻن ماڻهن کي وڍي ڇڏين.


۽ اُها وري ڪڏهن بہ اسرائيل جي گهراڻي لاءِ ويساهہ جوڳي نہ ٿيندي تہ بدڪاري ياد ڏياري، جڏهن هو انهن ڏانهن ڦري نهاريندا: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند خدا آهيان.


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون جي برخلاف آهيان ۽ هن جون ٻانهون ڀڃندس، جيڪا مضبوط آهي سا بہ، ۽ جيڪا ڀڄي پيئي آهي سا بہ؛ آءٌ هن جي هٿان ترار ڪيرائي وجهندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ