6 ۽ خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ
6 تڏهن مون تي خداوند جو فرمان نازل ٿيو
ڏس، شهر جي وٺڻ لاءِ اُن تائين بند ٻڌجي ويا آهن؛ ۽ شهر ڪسدين جي هٿ ۾ ڏنو ويو آهي، جي انهي سان وڙهن ٿا، ڇالاءِ جو ترار ۽ ڏڪار ۽ مرض اچي پيا آهن: ۽ جيڪي تو چيو آهي سو اچي ظاهر ٿيو آهي؛ ۽ ڏس، تون اُهو ڏسين ٿو.
ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛
۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.
خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اوهين يهوداہ جي بادشاهہ کي هيئن چئجو، جنهن اوهان کي پڇا ڪرڻ لاءِ مون ڏي موڪليو آهي؛ تہ ڏس، فرعون جو لشڪر جو توکي مدد ڪرڻ لاءِ آيو آهي، سو موٽي پنهنجي ملڪ مصر ڏي ويندو.