Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:8 - Sindhi Bible

8 ۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 باروڪ ائين ئي ڪيو جيئن مون کيس چيو هو. هو خداوند جون ڳالهيون پڙهي ٻڌائڻ لاءِ چمڙي جو اهو ويڙهوٽو کڻي هيڪل ڏانهن روانو ٿيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:8
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ڪشادو ميدان پاڻيءَ واري دروازي جي اڳيان هو، اُتي سوير صبح کان وٺي ٻنپهرن تائين مردن، ۽ زالن، ۽ سمجهہ وارن جي اڳيان، اُنهيءَ ڪتاب مان هن پڙهيو؛ ۽ سڀني ماڻهن ڌيان سان ڪن ڏيئي اُهو شريعت جو ڪلام پئي ٻڌو.


تنهن ڪري تون پنهنجي ڪمر ٻڌ ۽ اُٿ ۽ جيڪو حڪم آءٌ توکي ڏيان اهو انهن کي ٻڌاءِ: انهن کي ڏسي ڊڄ نہ، متان انهن جي اڳيان آءٌ توکي حيران پريشان ڪري ڇڏيان.


۽ اُهو خريداريءَ جو دستاويز مون پنهنجي چاچي جي پٽ حنم ايل جي روبرو، ۽ جن شاهدن خريداريءَ جي دستاويز تي صحيح ڪئي هئي تن جي روبرو، ۽ پهري وارن جي ايوان ۾ جيڪي يهودي ويٺا هئا تن جي روبرو، باروڪ بن نيرياہ بن محسياہ کي ڏئي ڇڏيو.


تڏهن يرمياہ، باروڪ بن نيرياہ کي سڏيو؛ ۽ باروڪ، يرمياہ جي واتان خداوند جون اُهي سڀ ڳالهيون ڪتاب جي ويڙهيءَ تي لکيون، جي هن کيس ڪري ٻڌايون.


تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ