Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:31 - Sindhi Bible

31 ۽ آءٌ هن کي، ۽ سندس اولاد کي، ۽ سندس نوڪرن کي، سندن بدڪاريءَ سبب سزا ڏيندس؛ ۽ آءٌ هنن تي، ۽ يروشلم جي رهاڪن تي، ۽ يهوداہ جي ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس جا مون سندن برخلاف ظاهر ڪري ٻڌائي، ۽ هنن نہ ٻڌي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

31 آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:31
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن انهن کي سندن خطائن جو بدلو ڏنو، ۽ کين سندن بڇڙائيءَ ۾ تباهہ ڪندو؛ خداوند اسان جو خدا انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيندو.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


انهي هوندي بہ هنن نہ مڃيو ۽ نڪي پنهنجو ڪن ڏنائون، بلڪ انهن مان هرڪو پنهنجي خراب دل جي نٺرائي موجب هليو: تنهن ڪري مون انهن تي هن عهد اقرار جون سڀ ڳالهيون آنديون، جن جي تعميل ڪرڻ لاءِ مون انهن کي حڪم ڪيو، پر هنن تعميل نہ ڪئي.


جيڪي مون کي ستائين ٿا، سي ڀلي تہ شرمندا ٿين، پر مون کي شرمندو ٿيڻ نہ ڏي؛ ڀلي تہ هو حيران پريشان ٿين، پر مون کي حيران پريشان ٿيڻ نہ ڏي: هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ ٻيڻي تباهيءَ سان هنن کي تباهہ ڪر.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


جيڪو نبي يا ڪاهن، يا قوم مان چوندو تہ خداوند جو ڪلام، تنهن ماڻهوءَ ۽ سندس گهراڻي کي آءٌ سزا ڏيندس.


تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏسو، آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس اولاد کي سزا ڏيندس، هن وٽ هن قوم ۾ رهڻ جي لاءِ ڪوبہ ماڻهو ڪونہ رهندو، ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ نڪي هو اُها چڱائي ڏسندو جا آءٌ پنهنجي قوم سان ڪندس: ڇالاءِ جو هن خداوند جي برخلاف بغاوت ڪئي آهي.


تنهن ڪري خداوند، جو لشڪرن جو خدا، ۽ اسرائيل جو خدا آهي، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ يهوداہ تي ۽ يروشلم جي سڀني ماڻهن تي اُها سڀ خرابي آڻيندس، جا هنن جي برخلاف مون اڳيئي ظاهر ڪئي آهي: ڇالاءِ جو مون هنن کي ٻڌايو آهي پر هنن نہ ٻڌو آهي؛ ۽ مون هنن کي سڏيو آهي پر هنن جواب ڪونہ ڏنو آهي.


۽ هن اُهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ خراب هئا، جهڙا ڪ يهويقيم ڪيا هئا.


هاڻي جلدي آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ پنهنجو غصو توتي پورو ڪندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


۽ منهنجي اک توکي ڇڏي نہ ڏيندي، ۽ نہ مون کي ڪو رحم ايندو، پر آءٌ توکي تنهنجن ڪمن موجب سزا ڏيندس، ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم تنهنجي وچ ۾ هوندا؛ ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند مارڻ وارو آهيان.


پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ هنن سڀني حڪمن تي عمل نہ ڪندا؛


اي يروشلم، اي يروشلم، تون جو نبين کي قتل ٿو ڪرين، ۽ جيڪي تو ڏانهن موڪليا وڃن ٿا، تن کي سنگسار ٿو ڪرين ۽ جيئن ڪڪڙ پنهنجن ٻچن کي پنهنجن کنڀن هيٺ گڏ ڪندي آهي، تيئن ڪيترا نہ ڀيرا مون تنهنجن ٻچن کي گڏ ڪرڻ ٿي گهريو، پر اوهان نہ مڃيو!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ