Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:26 - Sindhi Bible

26 ۽ بادشاهہ، شاهزادي يرحمئيل، ۽ شراياہ بن عزري ايل، ۽ سلمياہ بن عبدي ايل کي حڪم ڏنو تہ باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ نبيءَ کي پڪڙيو: پر خداوند انهن کي لڪائي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 اٽلندو بادشاهہ پنهنجي شهزادي يرحمئيل ۽ شراياہ ولد عزري ايل ۽ سلمياہ ولد عبدي ايل نالي عملدارن کي حڪم ڏنو تہ ”وڃو، باروڪ ڪاتب ۽ يرمياہ کي گرفتار ڪري اچو.“ پر خداوند اسان کي لڪائي ڇڏيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:26
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون هتان نڪري وڃ ۽ اُڀرندي ڏي ڦري ڪريت جي نهر، جا يردن جي اڳيان آهي، تنهن جي ڀرسان وڃي پاڻ کي لڪاءِ.


اُٿ، صارپت، جو صيدونين جو شهر آهي، تنهن ۾ وڃي رهہ: ڏس مون هڪڙيءَ رن زال کي حڪم ڏنو آهي تہ تنهنجي پرورش ڪري.


ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن؛ ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ چيو تہ ميڪاياہ کي پڪڙي موٽائي شهر جي ناظم امون، ۽ بادشاهہ جي پٽ يوآس وٽ وٺي وڃ؛


پر يورام بادشاهہ جي ڌيءَ، اخزياہ جي ڀيڻ يهوسبع، جيڪي بادشاهہ جا پٽ قتل ٿيا، تن منجهان اخزياہ جي پٽ يوآس کي سندس دائيءَ سميت چورائي کڻي ويئي، ۽ انهن کي سمهڻ واريءَ ڪوٺيءَ ۾ لڪائي ڇڏيائين؛ ۽ انهيءَ کي عتلياہ کان لڪائي ڇڏيائين، جنهنڪري هو مارجي نہ ويو.


۽ چئو تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي، تہ هن شخص کي قيد ۾ وجهو ۽ مصيبت جي ماني کارايوس ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيستائين آءٌ صحيح سلامت موٽي اچان.


۽ چيائين تہ منهنجي مسح ٿيل کي هٿ نہ لائيو، ۽ منهنجي نبين کي نقصان نہ رسايو.


خداوند توکي ايندي ۽ ويندي، هن مهل کان وٺي هميشہ تائين تنهنجي سنڀال ڪندو.


ڇالاءِ جو مصيبت جي ڏينهن هو مون کي پنهنجي تنبوءَ ۾ پناهہ ڏيندو: ۽ مون کي پنهنجي خيمي جي پڙدي ۾ لڪائيندو؛ هو مون کي ٽڪر تي چاڙهي بيهاريندو.


تون منهنجي لڪڻ جي جاءِ آهين: تون مون کي تڪليفن کان بچائيندين؛ تون منهنجي چوڌاري نجات جا گيت ڳارائيندين.


مون تي رحم ڪر، اي خدا، مون تي رحم ڪر؛ ڇالاءِ جو منهنجي جان تنهنجي پناهہ ۾ آهي: هائو جيستائين هي آفتون ٽري نہ وڃن تيستائين آءٌ تنهنجن کنڀن جي پاڇي هيٺ پناهہ وٺندس.


بدڪارن جي ڳجهيءَ صلاح کان، ۽ خطاڪارن جي فساد کان مون کي لڪائي ڇڏ:


جيڪو خدا تعاليٰ جي پردي ۾ ٿو رهي سو قادر مطلق جي پاڇي ۾ رهندو.


اي منهنجي اُمت، اچ، پنهنجن ڪوٺين ۾ گِهڙ، ۽ پنهنجي چوڌاري در بند ڪري ڇڏ: ۽ ٿوري وقت تائين پاڻ کي لڪاءِ جيستائين ڪاوڙ لنگهي وڃي.


۽ اُهي تو سان وڙهندا؛ پر اُهي توتي غالب نہ پوندا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي ڇڏائڻ جي لاءِ آءٌ تو سان آهيان.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.


تڏهن اميرن باروڪ کي چيو تہ تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو؛ تہ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ ڪٿي آهيو.


۽ يرمياہ باروڪ کي حڪم ڪري چيو تہ آءٌ بند ۾ پيو آهيان؛ ۽ آءٌ خداوند جي گهر ۾ وڃي نٿو سگهان:


تڏهن هنن يرمياہ کي کڻي ملڪياہ شهزادي جي بهري ۾ وڌو، جو پهري وارن جي ايوان ۾ هو: ۽ يرمياهہ کي رسن سان انهي ۾ هيٺ لاهي وڌائون: ۽ انهي بهري ۾ پاڻي ڪونہ هو پر گپ هئي: ۽ يرمياہ گپ ۾ گپي ويو.


هاڻي سردار ڪاهنن ۽ فريسين حڪم ڏيئي ڇڏيو هو، تہ جيڪڏهن ڪنهن کي بہ خبر پوي تہ ڪٿي آهي تہ اچي ٻُڌائي، تہ هن کي پڪڙيون.


فريسين ٻُڌو تہ ماڻهو هن جي بابت انهن ڳالهين جي سُر پُر پيا ڪن، تڏهن سردار ڪاهنن ۽ فريسين، حوالدارن کي موڪليو تہ وڃي پڪڙي اچوس.


اهي ڳالهيون هيڪل ۾ تعليم ڏيندي خزاني ۾ چيائين: ۽ ڪنهن بہ ڪين پڪڙيس، جو سندس گهڙي اڃا ڪانہ آئي هئي.


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


۽ جڏهن پطرس هوش ۾ آيو، تڏهن چوڻ لڳو تہ هاڻي مون کي پڪ ٿي آهي تہ خداوند پنهنجو ملائڪ موڪلي مون کي هيروديس جي چنبي مان، ۽ جيڪا يهودي قوم جي اُميد هئي، تنهن کان ڇڏايو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ