Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:24 - Sindhi Bible

24 ۽ بادشاهہ توڙي سندس نوڪر، جن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون، سي ڊنا ڪين، ۽ نہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

24 پر بادشاهہ توڙي ان جي عملدارن کي خداوند جون اهي ڳالهيون ٻڌي نہ ڪو خوف ٿيو، نہ ئي وري ڪو ڏک جو اظهار ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:24
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن روبن موٽي انهيءَ کڏ وٽ آيو ۽ ڏٺائين تہ يوسف منجهس ڪونهي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا.


۽ يعقوب پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو گوڏ ٻڌائين ۽ ڪيترائي ڏينهن پنهنجي پٽ جي لاءِ ماتم ڪندو رهيو.


تڏهن دائود پنهنجا ڪپڙا کڻي ڦاڙيا؛ ۽ جيڪي ٻيا ماڻهو ساڻس هئا، تن بہ ائين ئي ڪيو:


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اخي آب اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ بت تي کٿو ڍڪيائين، ۽ روزو رکيائين، ۽ کٿي تي سمهڻ ۽ آهستي هلڻ لڳو.


هائو، تون ڊپ کي هڪلي ٿو ڪڍين، ۽ خدا جي اڳيان دينداريءَ کي روڪين ٿو.


بڇڙي ماڻهوءَ جي بڇڙائيءَ ڪري منهنجي دل چوي ٿي، تہ سندس نظر ۾ خدا جو ڊپ ڪونهي.


ڇالاءِ جو هو پنهنجيءَ دل ۾ ٻٽاڪ ٿو هڻي، تہ منهنجي بڇڙائي پڌري ڪانہ ٿيندي نڪي ڌڪاربي.


اهي بڇڙي ڪم ڪرڻ لاءِ پاڻ کي همتائين ٿا؛ ۽ ڳجهيءَ طرح ڦندي وجهڻ لاءِ منصوبو ٿا ڪن.


پوءِ فرعون موٽي پنهنجي گهر هليو ويو، ۽ انهيءَ ڳالهہ جي پرواهہ نہ ڪيائين.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


تنهن کان پوءِ خلقياہ جو پٽ الياقيم، جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ منشي، ۽ آسف جو پٽ يوآخ، جو دفتردار هو، سي پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي حزقياہ وٽ آيا، ۽ ربشاقيءَ جون ڳالهيون ٻڌايائونس.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن حزقياہ بادشاهہ اها خبر ٻڌي، تڏهن هن پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ کٿو ڍڪي خداوند جي گهر ۾ ويو،


هاڻي هيئن ٿيو تہ جڏهن هنن اُهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن ڊپ کان هڪ ٻئي ڏي نهارڻ لڳا، ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ اسين ضرور هي سڀ ڳالهيون بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


۽ اُها خبر نينوہ جي بادشاهہ کي پهتي، ۽ هو پنهنجي تخت تان اُٿيو، ۽ پنهنجي شاهي پوشاڪ لاٿائين، ۽ کٿو ڍڪي خاڪ تي ويهي رهيو.


۽ نينوہ جا ماڻهو هن زماني جي ماڻهن سان گڏ عدالت جي ڏينهن اُٿي بيهندا، ۽ کين ڏوهاري ٺهرائيندا: ڇالاءِ جو اُنهن يوناہ جي مناديءَ تي توبهہ ڪئي، ۽ ڏسو، هتي هڪڙو آهي جو يوناہ کان بہ وڏو آهي.


هنن جي اکين ۾ خدا جو خوف ڪونهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ