Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:23 - Sindhi Bible

23 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن يهودي ٽي يا چار ورق پڙهي ويو تهن بادشاهہ ڪپ سان انهن کي وڍي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ اُڇلائي وڌا، جيسين ڪ اها سڄي ويڙهي اڳيٺيءَ ۾ باهہ ۾ سڙي چٽ ٿي وئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 جڏهن يهوديءَ ويڙهوٽي مان ٽي يا چار صفحا پڙهيا تہ بادشاهہ ننڍي ڇري کڻي اهي صفحا ڪٽي مچ ۾ اڇلائي ڇڏيا، ائين جيڪي صفحا هو پڙهندو ويو بادشاهہ انهن کي ڪٽي باهہ ۾ اڇلائيندو ويو، ايستائين جو سڄو ويڙهوٽو سڙي رک ٿي ويو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ چئون تہ بادشاهہ هيئن ٿو چوي تہ هن ماڻهوءَ کي قيد ۾ وجهو، ۽ مصيبت جي ماني کارايوس، ۽ مصيبت جو پاڻي پياريوس، جيسين ڪ آءٌ صحيح سلامت اچي پهچان.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ يهوسفط کي چيو تہ اڃا بہ هڪڙو ماڻهو آهي، يعني ميڪاياہ بن املہ، جنهن جي هٿان اسين خداوند کان پڇا ڪري ٿا سگهون: پر آءٌ انهيءَ کي ڌڪاريان ٿو؛ ڇالاءِ جو هو منهنجي نسبت ۾ ڪا چڱي پيشنگوئي نٿو ڪري پر بڇڙي ٿو ڪري. ۽ يهوسفط چيو تہ بادشاهہ کي ائين چوڻ نہ گهرجي.


ڇو جو توکي منهنجيءَ تعليم کان نفرت آهي، ۽ منهنجو ڪلام پنهنجي پٺيان اُڇلايو ڇڏين.


انهن کي منهنجي نصيحت وٺڻ جي خواهش نہ هئي؛ انهن منهنجي عتاب کي خسيس سمجهيو.


جيڪو ڪلام کي ڌڪاري ٿو سو پاڻ کي ناس ڪري ٿو: پر جيڪو حڪم کان ڊڄي ٿو تنهن کي انعام ملندو.


ماڻهوءَ جي دل ۾ گهڻيون ئي تجويزون آهن؛ پر قائم فقط خداوند جي رٿ رهندي.


ڪابہ ڏاهپ، يا سمجهہ، يا صلاح مصلحت نہ آهي، جا خداوند جي برخلاف بيهي.


جيڪو گهڻي ملامت کان پوءِ بہ پنهنجي گردن سخت ڪري ٿو، سو اوچتو برباد ٿيندو ۽ ڪوبہ علاج ڪونہ ٿيندس.


۽ تون چوين تہ ڪيئن مون تعليم کي ڌڪاريو آهي، ۽ منهنجي دل فهمائش کي خسيس ڄاتو؛


هڪ ڪتاب جي ويڙهي کڻ ۽ اسرائيل جي بابت ۽ يهوداہ جي بابت، ۽ سڀني قومن جي بابت، جنهن ڏينهن مون تو سان ڳالهايو تنهن کان وٺي يعني يوسياہ جي ڏينهن کان وٺي اڄ تائين، جيڪي ڳالهيون مون تو سان ڪيون آهن سي سڀ انهي ۾ لک.


جڏهن بادشاهہ اُها ويڙهي ۽ جيڪي ڳالهيون باروڪ يرمياہ جي واتان لکيون هيون سي ساڙي ڇڏيون تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبي تي نازل ٿيو، تہ


تون ٻي ويڙهي کڻ ۽ جيڪي اڳوڻيون ڳالهيون اُنهي پهرين ويڙهي ۾ لکيل هيون، جا يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم ساڙي ڇڏي هئي، سي سڀ انهي ۾ لک.


۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو هن نبوت جي ڪتاب جي ڳالهين مان ڪي ڪڍندو، تہ خدا زندگيءَ جي وڻ ۽ پاڪ شهر مان، جن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ ڪيل آهي، هن جو حصو ڪڍي ڇڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ