Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 36:10 - Sindhi Bible

10 تڏهن باروڪ خداوند جي گهر ۾، جمرياہ بن سافن منشيءَ جي جاءِ ۾، مٿئين ايوان ۾، خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ وٽ، يرمياہ جون ڳالهيون سڀني ماڻهن جي ٻڌندي ڪتاب مان پڙهيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 36:10
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سوا محرر هو: ۽ صدوق ۽ ابياتر ڪاهن هئا:


۽ صدوق بن اخيطوب، ۽ اخيملڪ بن ابي ياتر ڪاهن هئا؛ ۽ شراياہ محرر هو؛


۽ هن اندريون ايوان ڇليل پٿرن جي ٽن قطارن سان، ۽ ديودار جي ڪامن جي هڪڙي قطار سان جوڙايو.


انهيءَ هوندي بہ هن مٿانهيون جايون نہ ڊاهيون: ماڻهو اڃا بہ اُنهن مٿانهين جاين تي قربانيون ڪندا ۽ لوبان ساڙيندا هئا. هن خداوند جي گهر جو مٿيون دروازو جوڙايو.


تڏهن الياقيم بن خلقياہ جو گهر جي ڪم ڪار تي مقرر هو، ۽ شبناہ محرر، ۽ يواخ بن آسف دفتردار، پنهنجا ڪپڙا ڦاڙي اچي حزقياہ کي ربشاقيءَ واريون ڳالهيون ٻڌايون.


۽ يوسياہ بادشاهہ جي ارڙهين ورهيہ ۾ هيئن ٿيو تہ هن پنهنجي محرر سافن بن اصلياہ بن مسلام کي خداوند جي گهر ڏانهن موڪليو، ۽ چيائينس تہ


۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا.


پر اخيقام بن سافن جو هٿ يرمياہ سان هو، انهي لاءِ تہ هو هن کي قتل ٿيڻ لاءِ ماڻهن جي حوالي نہ ڪن.


۽ اُهو خط العاسہ بن سافن ۽ جمرياہ بن حلقياہ جي هٿان موڪليائين (جن کي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر ڏي بابل ۾ موڪليو)،


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


۽ جڏهن ميڪاياہ بن جمرياہ بن سافن، ڪتاب مان خداوند جون سڀ ڳالهيون ٻڌيون،


تنهن هوندي بہ الناتن، ۽ دلاياہ، ۽ جمرياہ بادشاهہ کي منٿ ڪئي تہ ويڙهي نہ ساڙ؛ پر هن انهن جي نہ ٻڌي.


تنهن ڪري تون وڃي هن ويڙهيءَ مان، جا تو منهنجي واتان لکي آهي، خداوند جون ڳالهيون خداوند جي گهر ۾، روزي واري ڏينهن ماڻهن جي ٻڌندي پڙهہ: يعني سڄي يهوداہ جي قوم، جا پنهنجن شهرن مان نڪري ٿي اچي، تنهن جي ٻڌندي اها پڙهج.


۽ باروڪ بن نيرياہ، يرمياہ نبيءَ جي ڏنل حڪم موجب تعميل ڪئي، ۽ ڪتاب ۾ خداوند جون جيڪي ڳالهيون هيون سي هن خداوند جي گهر ۾ پڙهي ٻڌايون.


پر باروڪ بن نيرياہ توکي اسان جي برخلاف چوري ٿو تہ اسان کي ڪسدين جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏي، تہ ڀلي هو اسان کي مارائي ڇڏين ۽ اسان کي قيد ڪري بابل ڏي وٺي وڃن.


۽ شهر مان هن هڪڙي عملدار کي کنيو جو جنگي مردن جي مٿان مقرر هو؛ ۽ ست ماڻهو انهن مان جي بادشاهہ جو منهن ڏسندا هئا، جي شهر ۾ لڌا ويا؛ ۽ لشڪر جي سردار جو منشي، جو ملڪ جي ماڻهن جي ياداشت لکندو هو: ۽ ملڪ جي ماڻهن مان سٺ ڄڻا جي شهر منجهہ هٿ آيا سي سڀ هو وٺي ويو.


۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ