9 نڪي گهر جوڙي انهن ۾ رهون: نڪي ڊاک جا منهہ يا ٻنيون يا ٻج رکون:
9 نڪي ڪڏهن رهڻ لاءِ گھر تعمير ڪيا آهن، نہ وري انگورن جا باغ لڳائڻ يا فصل پوکڻ لاءِ ٻنيون رکيون آهن.
۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟
راستباز ماڻهوءَ وٽ جيڪي ٿورو آهي سو بڇڙن جي گهڻي دولت کان چڱو آهي.
نڪي اوهين گهر جوڙجو، يا ٻج پوکجو، يا ڊاک جو منهہ لڳائجو يا انهن جا مالڪ ٿجو: پر اوهين پنهنجي حياتيءَ جا سڀ ڏينهن تنبن ۾ رهجو؛ تہ جنهن زمين ۾ مسافر آهيو، تنهن ۾ گهڻن ڏينهن تائين رهو.
تنهن کان سواءِ تو اسان کي انهي ملڪ ۾ بہ نہ پهچايو آهي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، نڪي اسان کي ٻنيون ۽ ڊاک جا منهہ ورثي ۾ ڏنا اٿيئي؛ تون هنن ماڻهن جون اکيون ڪڍي وٺندين ڇا؟ اسين ڪين اينداسين.
پر دينداريءَ سان گڏ جيڪڏهن قناعت بہ هوندي تہ انهي ۾ وڏو فائدو آهي: