Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:6 - Sindhi Bible

6 پر هنن چيو تہ اسين شراب ڪين پيئنداسين؛ ڇالاءِ جو يوناداب بن ريڪاب، اسان جي پيءُ اسان کي حڪم ڏئي چيو تہ اوهين يا اوهان جا پٽ، ڪڏهن بہ شراب متان پيو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر هنن وراڻيو تہ ”اسين مئي نہ پيئنداسين، ڇاڪاڻ تہ اسان جي وڏي يهوناداب ولد ريڪاب اسان کي حڪم ڏنو هو تہ ’اوهين يا اوهان جو اولاد ڪڏهن بہ مئي نہ پيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:6
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ڇوڪرا وڏا ٿيا، ۽ عيسو هوشيار شڪاري ۽ جهنگ ۾ گذاريندڙ هو؛ ۽ يعقوب سادو ماڻهو ۽ تنبن ۾ رهندڙ هو.


ڇالاءِ جو سندن مال ايترو وڌي ويو هو، جو هو گڏ رهي نٿي سگهيا؛ ۽ جنهن ملڪ ۾ سفر پئي ڪيائون، تنهن ۾ هنن جي چوپائي مال جي ڪري سندن گذارو ٿي ڪين سگهيو.


۽ جڏهن هو اُتان روانو ٿيو، تڏهن هو يهوناداب بن ريڪاب کي گڏيو، جو سندس استقبال لاءِ ٿي آيو: ۽ هن انهيءَ کي سلام ڪري چيو تہ جيئن منهنجي دل تنهنجيءَ دل سان سچي آهي تيئن تنهنجي دل مون سان آهي يا نہ؟ ۽ يهوناداب ورندي ڏني تہ آهي. تڏهن هن چيس تہ جي ائين آهي تہ تون مون کي پنهنجو هٿ ڏي. ۽ هن کيس پنهنجو هٿ ڏنو؛ ۽ هن کيس چاڙهي پنهنجيءَ رٿ ۾ کڻي ويهاريو.


۽ ياهو ۽ يهوناداب بن ريڪاب بعل جي گهر ۾ ويا؛ ۽ هن بعل جي بندگي ڪندڙن کي چيو تہ وڃي تلاش ڪريو ۽ ڏسو تہ خداوند جي ٻانهن مان ڪوبہ هتي نہ هجي، پر رڳا بعل جا پوڄيندڙ هجن.


جڏهن اوهين شمار ۾ ٿورا هئا؛ هائو تمام ٿورا، بلڪ مسافر هئا؛


۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.


انهي وقت اهي شمار ۾ ٿورا هئا؛ بلڪ تمام ٿورا، ۽ انهي ملڪ ۾ مسافر هئا.


تون پنهنجي ماءُ پيءُ جي عزت ڪر، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


پر اسين تنبن ۾ پئي رهيا آهيون، ۽ جيڪو حڪم اسان جي پيءُ يوناداب اسان کي ڏنو تنهن موجب سڀ ڪجهہ فرمانبردار ٿي پئي ڪيو اٿئون.


يوناداب بن ريڪاب جن ڳالهين جو حڪم پنهنجن پٽن کي ڏنو تہ شراب نہ پيئجو تن تي هو تعميل ڪندا اچن، ۽ اڄ ڏينهن تائين هو شراب نٿا پيئن، ڇالاءِ جو هو پنهنجي پيءُ جي حڪم جا تابع آهن: پر مون صبح جو سوير اُٿي اوهان سان ڳالهايو آهي؛ ۽ اوهان منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي آهي.


جڏهن اوهين جماعت واري تنبوءَ ۾ داخل ٿيو، تڏهن شراب يا ڪا ٻي نشي واري شيءِ متان پيو، نڪي تون، نڪي تنهنجا پٽ، متان اوهين مري پئو: اهو اوهانجين پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ قانون ٿيندو:


ڇوتہ هو خداوند جي نظر ۾ بزرگ ٿيندو، ۽ نڪو شراب ۽ نڪا نشي جي شيءِ پيئندو؛ ۽ ماءُ جي پيٽان ئي پاڪ روح سان ڀرپور ٿيندو.


اي پيارو، آئون اوهان کي پرديسي ۽ مسافر ڄاڻي عرض ٿو ڪريان تہ اُنهن جسماني خواهشن کان پري رهو، جي روح سان وڙهن ٿيون،


ڊاک جي ڪابہ شيءِ نہ کائي، نڪي شراب يا ڪا نشي جهڙي شيءِ پيئي، نڪي ڪا ناپاڪ شيءِ کائي؛ جن ڳالهين بابت مون هن کي حڪم ڏنو سي سڀ بجا آڻي.


پر هن مون کي چيو تہ ڏس، تون پيٽ سان ٿيندينءَ ۽ پٽ ڄڻيندينءَ؛ ۽ تون شراب يا نشي جي شيءِ نہ پيئج، ۽ ڪابہ ناپاڪ شيءِ نہ کائج؛ ڇو جو اُهو ٻار ڄائي ڄم کان وٺي پنهنجي ساري ڄمار خدا جو نذير ٿيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ