Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:4 - Sindhi Bible

4 ۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 خداوند جي گھر ۾ خدا جي ٻانهي حنان ولد يجدلياہ جي مريدن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيس. اها ڪوٺي عملدارن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربانن جي نگران مسعياہ ولد سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:4
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا جو ڪلام خدا جي ٻانهي سمعياہ وٽ آيو، جنهن چيس تہ


۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ جڏهن انهيءَ نبيءَ اها ڳالهہ ٻڌي، جنهن هن کي رستي تان موٽائي آندو هو، تڏهن هن چيو تہ اُهو خدا جو ٻانهو آهي، جنهن خداوند جي ڪلام جي نافرماني ڪئي هئي: تنهنڪري خداوند انهيءَ کي شينهن جي حوالي ڪيو، جنهن ڦاڙي ماري ڇڏيو اٿس، جيئن ڪ خداوند جو ڪلام ٿيل هو، جنهن هن کي ائين چيو هو.


۽ هن زال ايلياہ کي چيو تہ، اي خدا جا ٻانها منهنجو توسان ڪهڙو ڪم آهي؟ تون مون وٽ انهيءَ لاءِ آيو آهين ڇا تہ منهنجو گناهہ ياد ڏيارين ۽ منهنجو پٽ مارين!


۽ اُنهيءَ زال ايلياہ کي چيو تہ هاڻي آءٌ ڄاڻان ٿي تہ تون خدا جو ٻانهو آهين، ۽ تنهنجي وات ۾ جو خدا جو ڪلام آهي سو سچو آهي.


۽ هڪڙي خدا جي مرد ويجهو اچي اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، ڇالاءِ جو ارامين چيو آهي، تہ خداوند ٽڪرين جو خدا آهي، پر هو وادين جو خدا نہ آهي؛ تنهنڪري هي سارو وڏو لشڪر آءٌ تنهنجن هٿن ۾ ڏيندس، ۽ اوهين ڄاڻندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.


تڏهن بادشاهہ هڪڙو پنجاهن وارو سردار پنهنجن ماڻهن سان هن ڏانهن موڪليو. ۽ اُهو هن وٽ ويو: ۽ ڏٺائين تہ هو ٽڪر جي چوٽيءَ تي ويٺو هو. ۽ هن انهيءَ کي چيو تہ اي خدا جا مرد، بادشاهہ چيو آهي تہ هيٺ لهي اچ.


پوءِ يهويدع ڪاهن هڪڙي صندوق کڻي انهيءَ جي ڍڪ ۾ هڪڙو ٽُنگ ڪري قربانگاهہ جي پاسي ۾ رکي جا خداوند جي گهر ۾ ايندڙ ماڻهوءَ جي سڄي هٿ پاسي هئي: ۽ جيڪي ڪاهن در جي سنڀال ڪندا هئا سي جيڪي بہ پئسا خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا سي سڀ انهيءَ ۾ وجهي ڇڏيندا هئا.


۽ پهري وارن جي سردار، سردار ڪاهن سراياہ کي، ۽ ٻئي ڪاهن صفنياہ کي، ۽ ٽن دربانن کي گرفتار ڪيو:


تڏهن هو هيٺ لهي ويو ۽ يردن ۾ ست ٽُٻيون ڏنائين، جيئن ڪ خدا جي مرد چيو هو: ۽ ننڍي ٻار جي ماس وانگر هن جو ماس موٽي هن وٽ آيو، ۽ هو پاڪ ٿيو.


پر خدا جي مرد اليشع جي نوڪر جيحازيءَ چيو تہ ڏس، منهنجي ڌڻيءَ هن نعمان اراميءَ کي ائين ئي ڇڏي ڏنو، جو جيڪي هن آندو هو سو انهيءَ جي هٿان نہ ورتائين: خداوند جيئري جو قسم آهي تہ آءٌ هن جي پٺيان ڊوڙندس ۽ هن کان ڪي ڪجهہ وٺندس.


۽ اسرائيل جي بادشاهہ، جنهن جاءِ بابت خدا جي مرد چيو هوس، ۽ خبردار ڪيو هئائينس، اوڏانهن ماڻهو موڪليا ۽ اُتي اُنهيءَ پاڻ کي نہ هڪڙو ڀيرو، پر گهڻيئي ڀيرا بچايو.


۽ بادشاهہ انهيءَ سردار کي دروازي جي نگهبانيءَ لاءِ مقرر ڪيو، جنهن جي هٿ تي ٽيڪ ڏيندو هو: ۽ ماڻهو در تي هن جي مٿان لتاڙي لنگهي ويا، ۽ هو مري ويو، جيئن ڪ انهيءَ خدا جي مرد فرمايو هو، جڏهن بادشاهہ وٽس آيو هو.


تڏهن جنهن سردار جي هٿ تي بادشاهہ ٽيڪ ڏيو بيٺو هو، تنهن ورندي ڏيئي اُنهيءَ خدا جي مرد کي چيو تہ ڏس، جيڪڏهن خداوند آسمان ۾ دريون جوڙيندو تہ بہ اها ڳالهہ ٿي سگهندي ڇا؟ ۽ هن چيو تہ ڏس، تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين، مگر اُنهيءَ مان کائيندين ڪين.


۽ اُهي خدا جي گهر جي آس پاس رهندا هئا، ڇالاءِ جو انهن جي سنڀال مٿن هوندي هئي ۽ روزبروز صبح جو انهن کي کولڻ سندن ذمي هوندو هو.


۽ پنهنجي پيءُ دائود جي حڪم موجب ڪاهنن جا حصا واري سان خدمت ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيائين، ۽ لاوين کي پنهنجي فرضي ڪمن تي رکيائين تہ تعريف ڪن، ۽ ڪاهنن جي اڳيان خدمت چاڪري ڪن، جيئن ڪ روزمرہ جو دستور هو: دربانن کي بہ سڀني درن تي دستور موجب مقرر ڪيائين: ڇالاءِ جو خدا جي مرد دائود ائين حڪم ڪيو هو.


ڇالاءِ جو تنهنجيءَ درگاهہ ۾ هڪڙو ڏينهن هزار ڏينهن کان بهتر آهي. بڇڙن جي تنبن ۾ رهڻ کان مون کي پنهنجي خدا جي گهر جو دربان ٿيڻ پسند آهي.


اُهو ڪلام جو خداوند وٽان يرمياہ وٽ انهي وقت آيو جڏهن صدقياہ بادشاهہ هن ڏي فشحور بن ملڪياہ، ۽ صفنياہ بن مسعياہ ڪاهن جي هٿان چوائي موڪليو، تہ


۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا.


تڏهن مون يازنياہ بن يرمياہ، بن حبصنياہ، ۽ سندس ڀائرن، ۽ سندس سڀني پٽن کي، ۽ ريڪابين جي ساري گهراڻي کي پاڻ سان آندو.


۽ پهري وارن جو سردار، سراياہ سردار ڪاهن، ۽ صفنياہ ٻئي درجي واري ڪاهن، ۽ در جي سنڀال ڪرڻ وارن کي بہ وٺي ويو:


۽ درن وٽ ٿنڀن جي پاسي ۾ هڪڙي ڪوٺي در سان هئي؛ اُتي هو سوختني قرباني ڌوئندا هئا.


هنن پنهنجي چانئٺ منهنجي چانئٺ جي ڀرسان رکي، ۽ پنهنجي در جو ٿنڀ منهنجي در جي ٿنڀ جي ڀرسان، ۽ منهنجي ۽ هنن جي وچ ۾ رڳي ڀت هئي؛ ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم هنن ڪيا، تن سان هنن منهنجو نالو پليت ڪيو آهي: تنهنڪري مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ هنن کي چٽ ڪري ڇڏيو آهي.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


انهي لاءِ تہ خدا جو بندو ڪامل ٿئي، ۽ سڀ ڪنهن چڱي ڪم لاءِ پوريءَ طرح تيار رهي.


تنهن کان پوءِ بني يهوداہ جلجال ۾ يشوع وٽ آيا: ۽ ڪالب بن يفنہ قنزي هن کي چيو تہ توکي انهيءَ ڳالهہ جي خبر آهي، تہ خدا جي ٻانهي موسيٰ کي، قادس برنيع ۾، خداوند منهنجي ۽ تنهنجي نسبت ۾ ڇا فرمايو هو.


۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ