Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:2 - Sindhi Bible

2 ريڪابين جي گهر وڃ ۽ انهن سان ڪلام ڪر، ۽ انهن کي خداوند جي گهر جي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ آڻي شراب پيارين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون ريڪابي گھراڻي وارن وٽ وڃ ۽ کين چئُہ تہ هو منهنجي هيڪل جي ڪوٺين مان هڪڙي ڪوٺيءَ ۾ اچي گڏ ٿين ۽ پوءِ تون کين مئي پيئڻ لاءِ ڏي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:2
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن ساري گهر جي مٿان طبقا جوڙايا، هرهڪ پنج هٿ مٿي هو: ۽ اُهي ديودار جي ڪاٺ تي گهر جي مٿان بيٺل هئا.


وچين پاسي وارين ڪوٺين جو در گهر جي سڄي هٿ واري پاسي هو: ۽ ماڻهو گول ڏاڪڻ جي رستي وچين ڪوٺين ۾ ٿي ويا، ۽ وچين مان وري ٽئين طبقي وارين ڪوٺين ۾.


۽ ڪاتبن جا گهراڻا، جي يعبيض ۾ رهندا هئا؛ ترعاتي، سمعاتي ۽ سوڪاتي. اهي آهن اُهي قيني، جي حمات مان آيا، جو ريڪاب جي گهراڻي جو پيءُ هو.


۽ انهن جو ڪم اهو هو تہ خداوند جي گهر جي خدمت جي وقت، اڱڻ ۽ ڪوٺين ۾ ۽ سڀني پاڪ شين کي مخصوص ڪرڻ ۾، يعني خدا جي گهر جي خدمت جي ڪم ۾، بني هارون جي مدد ڪن.


۽ انهن سڀني شين، يعني خداوند جي گهر جي ورانڊي، ۽ آس پاس جي ڪوٺين، ۽ خداوند جي گهر جي خزانن، ۽ مخصوص ڪيل شين جي خزانن جو نمونو بہ ڏنو، جو هن کي روح جي وسيلي مليو هو:


ڇالاءِ جو چار مکيہ دربان، جي لاوي هوندا هئا، سي ٺهرايل عهدي تي هوندا هئا، ۽ اهي خدا جي گهر ۾ ڪوٺين تي ۽ خزانن تي هوندا هئا.


۽ ڳائڻ وارا، جي لاوين جي ابن جي گهراڻن جا رئيس هوندا هئا، ۽ جي ڪوٺين ۾ رهندا هئا، ۽ ٻي خدمت چاڪريءَ کان آزاد هوندا هئا، سي اهي آهن: ڇالاءِ جو اُهي رات ڏينهن پنهنجي ڪم ۾ مشغول رهندا هئا.


۽ ڪلين جي تور سون جا پنجاهہ شيڪل هئي، ۽ مٿين ڪوٺين کي هن سون مڙهايو.


تڏهن حزقياہ حڪم ڏنو تہ خداوند جي گهر ۾ ڪوٺيون تيار ڪن: ۽ ماڻهن اهي ڪوٺيون تيار ڪيون.


اوهين انهن جي سنڀال ڪريو، ۽ خبردار رهو، جيستائين ڪ اهي يروشلم ۾ خداوند جي گهر جي ڪوٺين ۾، ڪاهنن جي سردارن، ۽ لاوين جي اڳيان، توري انهن جي حوالي ڪريو.


سندس لاءِ هڪڙي وڏي ڪوٺي تيار ڪئي هئي، جتي اڳي کاڌي جون قربانيون، لوبان ۽ باسڻ ۽ اَن جون ڏهاڪيون، شراب ۽ تيل، جو حڪم موجب لاوين ۽ ڳائڻن ۽ دربانن کي ڏبو هو، ۽ ڪاهنن جي لاءِ کڻڻ جون قربانيون، رکڻ ۾ اينديون هيون.


تڏهن مون يازنياہ بن يرمياہ، بن حبصنياہ، ۽ سندس ڀائرن، ۽ سندس سڀني پٽن کي، ۽ ريڪابين جي ساري گهراڻي کي پاڻ سان آندو.


۽ خداوند جي گهر ۾ خدا جي بندي حنان بن يجدلياہ جي پٽن واري ڪوٺيءَ ۾ وٺي آيو سان، جا اميرن جي ڪوٺيءَ جي ڀرسان ۽ دربان مسعياہ بن سلوم جي ڪوٺيءَ جي مٿان هئي:


۽ اسان پنهنجي پيءُ يوناداب بن ريڪاب جو حڪم مڃيو، ۽ جن ڳالهين جي اسان کي تاڪيد ڪئي هئائين سي مڃيونسين، يعني تہ اسين ۽ اسان جون زالون ۽ اسان جا پٽ ۽ اسان جون ڌيئرون سڄي عمر شراب نہ پيئون؛


۽ ڪوٺين کي، ۽ چوڌاري دروازي جي اندران انهن جي ٿنڀن کي، ۽ ڪمانن کي بند ٿيل دريون هيون: ۽ اندر ڏانهن بہ چوڌاري دريون هيون: ۽ هرهڪ ٿنڀ تي کجيءَ جا وڻ هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ