Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 35:13 - Sindhi Bible

13 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 35:13
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صلاح مصلحت ٻڌ ۽ تعليم قبول ڪر، تہ پڇاڙيءَ ۾ تون ڏاهو ٿين.


منهنجي تعليم وٺو ۽ نہ چاندي؛ ۽ خالص سون کي ڇڏي بہ علم وٺو.


اوهان مان ڪير آهي جو انهيءَ ڏانهن ڪن ڏيندو؟ جو ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌندو؟


۽ اُهو يرمياہ نبيءَ يهوداہ جي سڀني ماڻهن کي ۽ يروشلم جي سڀني رهاڪن کي ٻڌايو ۽ چيائين، تہ


۽ هنن منهن ڦيرائي مون ڏي پٺ ڪئي آهي: ۽ جيتوڻيڪ صبح جو سوير اُٿي مون هنن کي تعليم پئي ڏني آهي، تہ بہ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڌيان ڪونہ ڏنو آهي.


تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


اُهو ڪهڙو ڏاهو آهي جو اها ڳالهہ سمجهي؟ ۽ اُهو ڪير آهي جنهن کي خداوند جي وات فرمايو آهي تہ انهي کي ظاهر ڪري ٻڌائي؟ ڇو اها زمين اهڙي ناس ٿي ۽ سڙي بيابان ٿي ويئي آهي، جو ڪوبہ انهي مان نٿو لنگهي؟


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ