Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:9 - Sindhi Bible

9 تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجي ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏي؛ پوءِ اهو يهودي مرد يا اُها يهودي زال هجي؛ ڪوبہ انهن کان، يعني پنهنجي عبراني ڀاءُ کان، پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 ”هر ڪو پنهنجي عبراني ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏي، ڪوبہ پنهنجي هم‌قوم يهوداہ وارن کي غلاميءَ ۾ نہ رکي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هڪڙو ماڻهو جنهن ڀڄي جند ڇڏائي هئي، تنهن اچي ابرام عبرانيءَ کي خبر ڏني، جو انهيءَ وقت اسڪال ۽ عانير جي ڀاءُ، ممري اموريءَ جي بلوطن جي وڻن وٽ رهندو هو؛ ۽ هنن جو ابرام سان عهدنامو ڪيل هو.


ڇالاءِ جو سچ ڪري پڇين تہ مون کي عبرانين جي ملڪ مان چورائي کڻي آيا هئا: ۽ هتي بہ هن قيد خاني ۾ پوڻ جهڙو ڪوبہ ڪم مون ڪونہ ڪيو آهي.


۽ جڏهن هن اهو کوليو، تڏهن ٻار ڏٺائين ۽ ڏسو، ٻار روئڻ لڳو. تنهن تي هن کي مٿس ڪهل آئي، ۽ چوڻ لڳي تہ هي ڪنهن عبرانيءَ جو ٻار آهي.


۽ اهي تنهنجي ڳالهہ ٻڌندا؛ پوءِ تون ۽ اسرائيل جا بزرگ مصر جي بادشاهہ وٽ وڃجو، ۽ چئجوس تہ خداوند، عبرانين جو خدا، اسان کي گڏيو آهي؛ سو هاڻي اسين توکي عرض ٿا ڪريون تہ اسان کي ٽن ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ وڃڻ ڏي، تہ اسين خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيون.


ڇالاءِ جو گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ انهن کان، هائو، انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري وٺندا: ۽ آءٌ انهن کي سندن ڪمن موجب ۽ سندن دستڪاريءَ موجب بدلو ڏيندس.


۽ سڀ قومون هن جي، ۽ سندس پٽ جي، ۽ سندس پوٽي جي خدمت ڪنديون، جيسين ڪ خود سندس ملڪ جو وقت اچي: پوءِ گهڻيون قومون ۽ وڏا بادشاهہ پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري وٺندا.


۽ لشڪرن جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ انهي ڏينهن هيئن ٿيندو تہ آءٌ هن جي پاڃاري تنهنجي ڳچيءَ تان ڀڃي ڇڏيندس، ۽ تنهنجا بند ڦوڙيندس؛ ۽ ڌاريا ماڻهو وري اڳتي پنهنجي لاءِ هن کان خدمت چاڪري نہ وٺندا.


۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:


پر اوهين پاڻ ظلم ٿا ڪريو ۽ ڦريو پيا، سو بہ پنهنجن ڀائرن کي.


ڇا هو ئي عبراني آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي اسرائيلي آهن؟ آئون بہ آهيان. ڇا هو ئي ابراهيم جي نسل مان آهن؟ آئون بہ آهيان.


جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج.


جو اٺين ڏينهن منهنجو ختنو ٿيو، ۽ آئون اسرائيل جي قوم ۽ بنيمين جي قبيلي مان آهيان، ۽ عبرانين جو عبراني آهيان، ۽ شريعت جي ڪري فريسي آهيان؛


تڏهن هنن ٻنهي فلستين جي فوج وٽ وڃي پاڻ کي ظاهر ڪيو: ۽ فلستين چيو تہ ڏسو، عبراني جن غارن ۾ وڃي لڪا هئا تن مان نڪري پيا اچن.


۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي.


اي فلستيو، مضبوط ٿيو، ۽ همت جهلي مردن وانگي هلت ڪريو، تہ عبرانين جا غلام نہ ٿيو، جيئن هو اوهان جا ٿيا آهن: مردن وانگي همت سان وڙهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ