Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:8 - Sindhi Bible

8 بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان عهد اقرار ڪري هنن کي آزادي ڏيڻ جو اشتهار ڪيو، تنهن کان پوءِ جيڪو ڪلام خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، سو هي آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 بادشاهہ صدقياہ يروشلم جي سڀني ماڻهن سان گڏجي عهد ڪندي اعلان ڪيو هو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:8
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ يهويدع خداوند جي، ۽ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾، اهو عهد اقرار ڪرايو تہ هو خداوند جي قوم ٿي رهن؛ بادشاهہ ۽ قوم جي وچ ۾ بہ عهد اقرار ڪرايائين.


۽ يهويدع پنهنجي ساريءَ قوم ۽ بادشاهہ جي وچ ۾ هڪڙو عهد اقرار ڪيو تہ هو سڀ خداوند جي قوم ٿي رهندا.


هاڻي منهنجي دل ۾ آهي تہ خداوند اسرائيل جي خدا سان هڪڙو عهد اقرار ڪريان تہ من سندس ڪاوڙ اسان تان ٽري وڃي.


۽ انهن سڀني ڳالهين جي ڪري اسين پڪو عهد اقرار ٿا ڪريون، ۽ لکي ٿا ڏيون: ۽ اسان جا امير، ۽ اسان جا لاوي، ۽ اسان جا ڪاهن، انهيءَ تي مهر ٿا هڻن.


جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟


خداوند خدا جو روح مون تي آهي؛ ڇالاءِ جو خداوند مون کي مسح ڪيو آهي تہ مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان؛ هن مون کي موڪليو آهي تہ دل شڪستن جي دلجوئي ڪريان، قيدين کي آزاديءَ جي، ۽ جيڪي بند ۾ آهن تن جي بند کولڻ جي پڌرائي ڪريان.


تنهن ڪري خداوند، هيئن ٿو فرمائي، تہ ڇالاءِ جو اوهان منهنجو حڪم نہ ٻڌو آهي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي ڀاءُ کي، ۽ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجي پاڙيسريءَ کي پڌري طرح آزاد ڪري نہ ڇڏيو آهي: ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان کي ترار جي، ۽ مرض جي، ۽ ڏڪار جي آزاديءَ جي خبر ٿو ڏيان؛ ۽ آءٌ اوهان کي زمين جي سڀني بادشاهتن ۾ هيڏي هوڏي رلائيندس:


۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ