Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:7 - Sindhi Bible

7 تڏهن بابل جي بادشاهہ جو لشڪر يروشلم سان ۽ يهوداہ جي باقي رهيل سڀني شهرن سان، يعني لڪيس ۽ عزيقہ سان وڙهيو؛ ڇالاءِ جو يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 ان وقت بابل جي بادشاهہ جي لشڪر يهوداہ جي شهرن يروشلم، لڪيس ۽ عزيقہ سان جنگ پئي ڪئي، ڇاڪاڻ تہ يهوداہ جي شهرن مان فقط اِهي ئي ڪوٽن وارا شهر باقي وڃي بچيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:7
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ماڻهن يروشلم ۾ هن جي برخلاف منصوبو ڪيو؛ ۽ هو لڪيس ڏانهن اُٿي ڀڳو: پر هنن انهيءَ جي پٺيان لڪيس ڏانهن ماڻهو موڪليا، جن اُتي وڃي قتل ڪيس.


پوءِ ربشاقي موٽي آيو ۽ اچي ڏٺائين تہ اسور جو بادشاهہ لبناہ سان جنگ پيو ڪري: ڇالاءِ جو هن ٻڌو هو تہ هو لڪيس مان روانو ٿيو آهي.


تنهن کانسواءِ يهوداہ جي ڪوهستان ۾ هن گهڻا شهر ٻڌا، ۽ ٻيلن ۾ هن قلعا ۽ ٺلهہ جوڙايا.


۽ اسور جي بادشاهہ، ربشاقيءَ کي لڪيس مان هڪڙي وڏي لشڪر سان، حزقياہ بادشاهہ وٽ يروشلم ڏانهن موڪليو، ۽ هو ميٽ جي کاڻ واري شاهي رستي تي مٿئين تلاءَ جي موريءَ وٽ اچي بيٺو.


تڏهن يهوداہ جا شهر ۽ يروشلم جا رهاڪو وڃي انهن معبودن وٽ دانهون ڪندا، جنهن کي هو لوبان جو نذرانو ڏين ٿا، پر مصيبت جي وقت ۾ هو انهن کي ڪڏهن بہ ڪين بچائيندا.


جڏهن بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر ۽ سندس سڄو لشڪر، ۽ جيڪي زمين جون بادشاهتون سندس حڪم هيٺ هيون، ۽ باقي سڀ قومون يروشلم سان ۽ اُن جي سڀني شهرن سان وڙهيون، تڏهن خداوند جو ڪلام يرمياہ نبيءَ تي نازل ٿيو، تہ


اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


اسين ڇو ماٺ ڪري ويٺا آهيون؟ اوهين اُٿي گڏ ٿيو، هلو تہ ڪوٽن وارن شهرن ۾ هلي ويهون ۽ اُتي ماٺ ڪري ويهو: ڇالاءِ جو خداوند اسان جي خدا اسان کي ماٺ ڪرائي آهي، ۽ اسان کي ڪَڙو پاڻي پيئڻ لاءِ ڏنو اٿس، ڇو جو اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


اي لڪيس جا رهاڪو، تکي گهوڙي جي گاڏي تيار ڪريو. تو شروع کان صيون کي گناهہ ڪرايو، ڇالاءِ جو اسرائيل جا قصور بہ تو ۾ لڌا ويا.


۽ اها تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيريندي، ۽ جيسين تنهنجون اوچيون ۽ مضبوط ڀتيون، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ڀڄي ڪري پون: ۽ اها جيڪو ملڪ خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنو آهي، تنهن منجهہ تنهنجن سڀني شهرن ۾ توکي گهيرو ڪندي.


تنهنڪري يروشلم جي بادشاهہ ادوني صدق حبرون جي بادشاهہ هوهام کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ پيرام کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ يافيع کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ دبير کي چوائي موڪليو تہ


تنهنڪري امورين جا پنج ئي بادشاهہ، يعني يروشلم جو بادشاهہ، حبرون جو بادشاهہ، يرموت جو بادشاهہ، لڪيس جو بادشاهہ ۽ عجلون جو بادشاهہ، اهي سڀ اچي گڏ ٿيا، ۽ پنهنجي لشڪر سميت روانا ٿيا، ۽ جبعون جي اڳيان منزل ڪري انهي سان جنگ ڪيائون.


يرموٿ جو بادشاهہ، هڪڙو؛ لڪيس جو بادشاهہ، هڪڙو؛


يرموٿ، ۽ عدلام، شوڪہ، ۽ عزيقہ؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ