6 جڏهن يرمياہ نبي هي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي ٻڌايون،
6 تڏهن مون يرمياہ اهي سڀ ڳالهيون يروشلم ۾ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي اچي ٻڌايون.
۽ تون اُنهيءَ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو خون بہ ڪيو آهي ۽ ملڪيت بہ ڦري آهي ڇا؟ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن جاءِ تي ڪتن نبوت جو رت چٽيو، اُتي ڪتا تنهنجو بہ رت چٽيندا.
۽ ميڪاياہ چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ جيڪي خداوند مون کي فرمائيندو سو آءٌ چوندس.
تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا! ڏس آءٌ ڳالهائي نٿو سگهان: ڇالاءِ جو آءٌ ٻار آهيان.
تڏهن خداوند پنهنجو هٿ ڊگهيري منهنجي وات کي ڇهيو؛ ۽ خداوند مون کي فرمايو، تہ ڏس، مون پنهنجون ڳالهيون تنهنجي وات ۾ وڌيون آهن:
۽ جيڪي آءٌ چوان سو تون انهن کي ٻڌائج، پوءِ هو ٻڌن يا ٻڌڻ کان انڪار ڪن: ڇالاءِ جو اُهي نهايت باغي آهن.
ڇو جو يوحنا چيو هوس، تہ توکي اهو روا نہ آهي تہ هن کي پاڻ وٽ رکين.
ڇالاءِ جو آئون خدا جي ساري مرضي اوهان کي ٻُڌائڻ کان نہ هٽيس.
۽ سموئيل سڀ ڪجهہ هن کي ٻڌايو، ۽ هن کان ڪجهہ بہ نہ لڪايائين. ۽ هن چيو تہ اهو خداوند آهي: ڀلي اُنهي کي جيڪي وڻي سو ڪري.