Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:5 - Sindhi Bible

5 تون امن آرام ۾ مرندين؛ جيئن تنهنجا ابا ڏاڏا، اڳوڻا بادشاهہ، جي تو کان اڳي هئا، تن جي لاءِ خوشبوءِ ساڙيندا هئا، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيندا؛ ۽ تنهنجي لاءِ ماتم ڪندا ۽ چوندا تہ هاءِ ڌڻي! ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ مون اهو ڪلام ڪري ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 بلڪ تون طبعي موت مرندين. پوءِ جيئن تنهنجي ابن ڏاڏن يعني تو کان اڳوڻن بادشاهن جي مان ۾ لوبان ساڙيو ويندو هو، تيئن تنهنجي لاءِ بہ ساڙيو ويندو. تنهنجي لاءِ هيئن چئي رنو رڙيو ويندو تہ ’هاءِ! اسان جا آقا!‘ آءٌ خداوند پاڻ اهو واعدو ڪريان ٿو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان وڃي گڏيندس، ۽ تون سلامتيءَ سان پنهنجي قبر ۾ وڃي دفن ٿيندين، ۽ جيڪا آفت آءٌ هن هنڌ تي آڻيندس سا تون نہ ڏسندين. ۽ هنن اِهو جواب بادشاهہ کي اچي ٻڌايو.


۽ هن کي خود سندس قبر ۾ دفن ڪيائون جا هن دائود جي شهر ۾ پنهنجي لاءِ کوٽائي هئي، ۽ هن کي انهيءَ بستري تي سمهاريائون جو خوشبوين ۽ قسمين قسمين مصالحن سان ڀريل هو، جي عطارن هنر سان جوڙيا هئا: ۽ هن جي لاءِ تمام وڏا مچ ٻاريائون.


ڏس، آءٌ توکي تنهنجي ابن ڏاڏن سان گڏيندس ۽ تون پنهنجي قبر ۾ آرام سان وڃي پهچندين، ۽ جيڪا خرابي آءٌ هن هنڌ تي ۽ اتي جي رهاڪن تي آڻيندس، سا تون پنهنجين اکين سان نہ ڏسندين. ۽ هنن اها خبر موٽي بادشاهہ کي آڻي ڏني.


تنهن ڪري، يهوداہ جي بادشاهہ يهويقيم بن يوسياہ جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هو انهي لاءِ، هاءِ منهنجا ادا! يا هاءِ ادي! چئي ماتم نہ ڪندا. هو انهي لاءِ، هاءِ ڌڻي! يا هاءِ ان جو جلال! چئي نہ رئندا پِٽيندا.


انهيءَ هوندي بہ، اي صدقياہ، يهوداہ جا بادشاهہ، خداوند جو ڪلام ٻڌ: تنهنجي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تون ترار سان نہ مرندين؛


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.


تڏهن بادشاهہ نبوڪدنضر منهن ڀر ڪري داني ايل کي سجدو ڪيو، ۽ حڪم ڏنائين تہ هن کي نذرانو ۽ خوشبويون ڏين.


تڏهن سڀ بهادر مرد اُٿيا، ۽ ساري رات پنڌ ڪري وڃي سائول جي لاش، ۽ سندس پٽن جا لاشا بيت شان جي ديوار تان لاٿائون؛ ۽ يبيس ۾ اچي انهن کي ساڙي ڇڏيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ