Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:21 - Sindhi Bible

21 ۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ ۽ سندس عملدارن کي پڻ انهن جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. هائو، آءٌ کين بابل جي بادشاهہ جي لشڪر جي حوالي ڪري ڇڏيندس، جيتوڻيڪ اهو يهوداہ سان جنگ ڪرڻ کان هٽي پاسي ٿيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:21
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن بادشاهہ کي پڪڙي ربلہ ۾ بابل جي بادشاهہ وٽ آندو، ۽ هن تي فتويٰ جاري ڪيائون.


۽ آءٌ توکي انهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيان جي تنهنجي جان جي پٺيان آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ جن کان تون ڊڄين ٿو، يعني بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي ۽ ڪسدين جي هٿن ۾،


ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛


۽ يهوداہ جو بادشاهہ صدقياہ ڪسدين جي هٿان بچي نڪري نہ ويندو، پر بابل جي بادشاهہ جي حوالي ڪيو ويندو، ۽ هن سان روبرو ڳالهائيندو، ۽ هنن جون اکيون هڪٻئي کي ڏسنديون؛


تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، آءٌ مصر جي بادشاهہ فرعون حفرع کي سندس دشمنن جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ انهن جي هٿ ۾ جي سندس ساهہ جا طالبو آهن؛ جيئن ڪ مون يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي سندس دشمنن ۽ سندس ساهہ جي طالب، بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر جي هٿ ۾ ڏنو هو.


۽ بابل جي بادشاهہ، صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪرايو: هن يهوداہ جي سڀني اميرن کي بہ ربلہ ۾ قتل ڪرايو.


پر ڪسدين جو لشڪر بادشاهہ جي پٺيان پيو، ۽ يريحو جي ميدان ۾ صدقياہ کي وڃي پهتو؛ ۽ هن جو سارو لشڪر کانئس ڇڄي ڌار ٿي پيو.


اسان جي زندگي جو دم، يعني خداوند جو مسح ڪيل، هنن جي کڏن ۾ پڪڙجي پيو؛ جنهن بابت اسين چوندا هئاسين تہ هن جي پاڇي هيٺ اسين قومن ۾ حياتي گذارينداسين.


هاڻي انهي باغي گهراڻي کي چئو، تہ انهن ڳالهين جي معنيٰ اوهين نٿا سمجهو ڇا؟ هنن کي چئو تہ ڏسو، بابل جو بادشاهہ يروشلم ۾ آيو، ۽ ان جي بادشاهہ ۽ انهي جي اميرن کي پڪڙي بابل ۾ پاڻ وٽ آندائين؛


خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ يقيناً جنهن بادشاهہ هن کي بادشاهہ ڪيو، سو جنهن جاءِ ۾ رهي ٿو، جنهن جي قسم جي هن حقارت ڪئي، ۽ جنهن جو عهد اقرار هن ڀڳو، انهي سان گڏ هو بابل جي وچ ۾ مرندو.


۽ آءٌ پنهنجو ڄار هن تي پکيڙيندس ۽ هو منهنجي دام ۾ ڦاسندو، آءٌ هن کي بابل ۾ آڻيندس، ۽ اُتي جيڪو گناهہ هن منهنجي نافرمانيءَ ڪري ڪيو آهي، تنهن جي لاءِ هن سان بحث ڪندس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ