يرمياہ 34:20 - Sindhi Bible20 اُنهن کي آءٌ سندن دشمنن، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس: ۽ انهن جا مڙهہ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جي قوت ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible20 آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي حوالي ڪندس جيڪي سندن جانين جي پٺيان آهن. انهن جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ ٿيندا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ پوءِ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي، ۽ سندس نوڪر ۽ ماڻهو، جي هن شهر ۾ مرض، ۽ ترار، ۽ ڏڪار کان باقي وڃي بچندا، تن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪد نضر جي هٿن ۾، ۽ سندن دشمنن جي هٿن ۾، ۽ جيڪي سندن حياتيءَ جا ڳولائو آهن تن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس: ۽ اهو هنن کي ترار جي ڌار سان ماريندو؛ هو انهن کي ڇڏي نہ ڏيندو، نہ انهن تي ڪو قياس ۽ نہ ڪو رحم ايندس.