2 خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ کي چئو تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏيندس، ۽ اهو انهي کي باهہ سان ساڙيندو:
۽ هن جي بادشاهيءَ جي نائين ورهيہ جي ڏهين مهيني جي ڏهين تاريخ هيئن ٿيو تہ بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر پنهنجو سمورو لشڪر وٺي يروشلم تي ڪاهي آيو ۽ اُن جي سامهون اچي منزل ڪيائين؛ ۽ اُن جي چوڌاري ڪوٽ جوڙايائين.
خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ مون پنهنجو منهن هن شهر ڏي انهي لاءِ ڪيو آهي تہ اُن سان برائي ڪريان نہ ڀلائي؛ اهو بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏنو ويندو ۽ هو ان کي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيندو.
خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏسو، جيڪي جنگ جا هٿيار اوهان جن هٿن ۾ آهن، ۽ جن سان اوهين بابل جي بادشاهہ سان، ۽ جيڪي ڪسدي ڀتين جي ٻاهران اوهان کي گهيرو ڪيو ويٺا آهن تن سان ٿا وڙهو، سي آءٌ پٺ تي ڦيرائيندس، ۽ انهن کي هن شهر جي وچ ۾ گڏ ڪندس.
ڇالاءِ جو يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ هن کي بند ڪري ڇڏيو هو، جو چيائين تہ ڇو تون نبوت ڪري ٿو چوين، تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ هي شهر بابل جي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندس ۽ هو اُنهي کي وٺندو؛
پوءِ تنهنجون هو سڀ زالون ۽ تنهنجا ٻار ڪسدين وٽ وٺي ايندا: ۽ تون هنن جي هٿان بچي نہ نڪرندين پر بابل جي بادشاهہ جي هٿ چڙهندين، ۽ تون هن شهر کي باهہ سان ساڙائيندين.