19 يعني يهوداہ جي اميرن کي، ۽ يروشلم جي اميرن کي، ناظرن، ۽ ڪاهنن، ۽ انهي ملڪ جي ٻين سڀني ماڻهن کي، جي گابي جي ٻن ڀاڱن جي وچان لنگهيا:
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن سج لٿو ۽ اوندهہ ٿي، تڏهن هڪڙو دکندڙ تنور ۽ هڪڙو ٻرندڙ مشعال انهن ٽڪرن جي وچان لنگهندو ڏسڻ ۾ آيو.
تڏهن هن چيو تہ اي خداوند خدا مون کي ڪيئن خبر پوي تہ آءٌ هن ملڪ جو وارث ٿيندس؟
۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين پنهنجيءَ ماءُ، ۽ پنهنجن نوڪرن، ۽ پنهنجن شهزادن، ۽ پنهنجن عملدارن سوڌو نڪري بابل جي بادشاهہ ڏانهن ويو: ۽ بابل جي بادشاهہ هن کي سندس بادشاهي جي اٺين ورهيہ ۾ گرفتار ڪيو.
۽ هو، يهوياڪين کي، ۽ بادشاهہ جي ماءُ، ۽ بادشاهہ جي زالن کي، ۽ سندس عملدارن، ۽ ملڪ جي مکيہ ماڻهن کي قيد ڪري يروشلم مان بابل ڏانهن وٺي ويو.
(يعني انهي کان پوءِ تہ يڪونياہ بادشاهہ، ۽ والدہ ملڪہ، ۽ ناظر، ۽ يهوداہ ۽ يروشلم جا امير، ۽ واڍا، ۽ لوهار يروشلم مان روانا ٿيا)
۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:
هاڻي عبد ملڪ ڪوشي، جو بادشاهہ جي گهر ۾ ناظر هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ يرمياہ کي بهري ۾ وڌو اٿن: انهيءَ وقت بادشاهہ بنيمين جي دروازي ۾ ويٺو هو؛
تڏهن بابل جي بادشاهہ ربلاہ ۾ صدقياہ جي پٽن کي سندس اکين آڏو قتل ڪيو: ۽ بابل جي بادشاهہ يهوداہ جا سڀ امير بہ ماريا.
۽ اسان جي برخلاف ۽ اسان جي عدالت ڪندڙ قاضين جي برخلاف جيڪي هن فرمايو هو سڀ ثابت ڪيو اٿس، جو هڪڙي وڏي آفت اسان تي آندي اٿس: ڇالاءِ جو جيڪو ڪم يروشلم ۾ ڪيو ويو آهي، سو ٻيو ڪٿي بہ آسمان هيٺ نہ ڪيو ويو آهي.
۽ نہ اسان تنهنجن ٻانهن نبين جي ڳالهہ مڃي آهي، جن تنهنجي نالي سان اسانجن بادشاهن، اسانجن اميرن، ۽ اسانجن ابن ڏاڏن، ۽ زمين جي سڀني ماڻهن سان ڪلام ڪيو.
اي خداوند، شرمندگي اسان جي ۽ اسانجن بادشاهن، ۽ اسان جي اميرن، ۽ اسان جي ابن ڏاڏن لاءِ آهي، ڇالاءِ جو اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.