Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:16 - Sindhi Bible

16 پر هاڻي وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي ادبي ڪري اوهان مان هر ڪنهن، جنهن پنهنجو ٻانهون ۽ پنهنجي ٻانهي خوشيءَ سان آزادي ڪري ڇڏي هئي، تنهن انهن کي موٽائي آندو؛ ۽ اوهان انهن کي وري آڻي پنهنجو تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون بنايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 پر هاڻ اوهين وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي‌ادبي ڪئي اٿوَ. اوهان مان هر ڪنهن پنهنجي آزاد ڪيل ٻانهي ۽ ٻانهيءَ کي وري موٽائي آندو آهي. سو جيڪي ٻانها ۽ ٻانهيون پنهنجي مرضيءَ جا مالڪ ٿيڻ لاءِ آزاد ٿيا هئا تن کي اوهان وري غلام بڻجڻ تي مجبور ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:16
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون خداوند پنهنجي خدا جو نالو اجايو نہ وٺ؛ ڇالاءِ تہ جيڪو سندس نالو اجايو ٿو وٺي تنهن کي هو بي قصور ڪين سمجهندو.


پر پوءِ هو وري ڦري ويا، ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون تن کي موٽائي آڻي تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون ڪيائون.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


پر جيڪڏهن ڪو سچار پنهنجي سچائي کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ جيڪي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم شرير ماڻهو ڪندو آهي، اُهي ڪري ٿو، تڏهن ڪو هو جيئرو رهندو ڇا؟ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن، تن مان ڪوبہ ياد نہ رهندو: جيڪا بدڪاري ڪئي اٿس ۽ جيڪو گناهہ ڪيو اٿس، تنهن جي ڪري ئي هو مرندو.


باقي اوهين، سو اي اسرائيل جا گهراڻا، خداوند خدا اوهان جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ هن کانپوءِ جي اوهين منهنجي ٻڌڻ نہ گهرندا، تہ اوهان مان هرڪو وڃي پنهنجن بُتن جي عبادت ڪري: پر پنهنجن نذرانن سان ۽ پنهنجن بُتن سان اوهين منهنجي نالي جي بي ادبي نہ ڪندا.


وري جڏهن ڪو سچو ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو، ۽ آءٌ انهيءَ جي اڳيان آٿڙائڻ جو پهڻ رکان ٿو تہ اُهو مرندو؛ ڇالاءِ جو تو هن کي خبردار نہ ڪيو آهي، تنهنڪري هو پنهنجي گناهہ ۾ مرندو، ۽ جيڪي سچائي جا ڪم هن ڪيا آهن سي ياد ڪيا نہ ويندا؛ پر هن جي خون جي پڇا آءٌ تنهنجي هٿان ڄاڻي ڪندس.


۽ آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل جي وچ ۾ پنهنجو پاڪ نالو مشهور ڪندس؛ ۽ وري اڳتي آءٌ پنهنجي پاڪ نالي جي بي ادبي ڪرڻ نہ ڏيندس: ۽ قومون ڄاڻنديون تہ آءٌ خداوند، اسرائيل جو پاڪ خدا آهيان.


اوهين منهنجو نالو وٺي، ڪوڙو قسم نہ کڻجو، ائين نہ ٿئي، تہ تون پنهنجي خدا جي نالي جي بي حرمتي ڪرين: آءٌ خداوند آهيان.


پر اوهين اُنهيءَ جي بي ادبي ٿا ڪريو، جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز ناپاڪ آهي، ۽ انهي جو ڦل يعني انهي جو گوشت نفرتي آهي.


اوهين منهنجي قربانگاهہ تي ناپاڪ ماني ٿا چاڙهيو، ۽ چئو ٿا تہ اسان ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ توکي ناپاڪ ڪيو آهي؟ انهيءَ ڳالهہ ۾ جو چئو ٿا تہ خداوند جي ميز نفرتي آهي.


آءٌ سائول کي بادشاهہ ڪري پشيمان ٿيو آهيان: ڇالاءِ جو هو منهنجي پيروي ڪرڻ کان ڦريو آهي، ۽ منهنجن حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس، تنهن تي سموئيل ڪاوڙيو؛ ۽ سڄي رات خداوند جي اڳيان دعا ڪيائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ