Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:14 - Sindhi Bible

14 ستن ورهين کان پوءِ اوهان جو ڀاءُ عبراني جو اوهان وٽ وڪڻيو ويو هجي، ۽ جنهن ڇهہ ورهيہ اوهان وٽ خدمت چاڪري ڪئي هجي، تن کي اوهان مان هرڪو آزاد ڪري ڇڏي: پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 ’هر ستين سال اوهان مان هر ڪو پنهنجي هر انهيءَ هم‌قوم عبرانيءَ کي ضرور آزاد ڪري، جنهن پنهنجو پاڻ کي اوهان وٽ وڪيو هجي. هائو، ڇهن سالن جي خدمت چاڪريءَ کان پوءِ اوهين ان کي لازماً آزاد ڪريو.‘ پر اوهان جي ابن ڏاڏن منهنجي نہ ٻڌي ۽ مون ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:14
28 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

(پر اخي آب جهڙو ٻيو ڪوبہ ڪونہ هو جنهن پاڻ کي انهيءَ لاءِ وڪيو تہ جيڪي خداوند جي نظر ۾ خراب آهي سو ڪري، ۽ جنهن کي سندس زال ڀڙڪايو هو.


پر بني اسرائيل مان سليمان ٻانها نہ بنايا: بلڪ اُهي جنگي ماڻهو، ۽ سندس نوڪر، ۽ امير، ۽ سردار، ۽ سندس رٿن ۽ گهوڙي سوارن جا عملدار هئا.


۽ هاڻي اوهين ڀانئيو ٿا تہ يهوداہ ۽ يروشلم جي اولاد کي ٻانها ۽ ٻانهيون ڪري پاڻ وٽ رکو: پر خود اوهان خداوند پنهنجي خدا جا گناهہ نہ ڪيا آهن ڇا؟


پر هنن خدا جي پيغمبرن تي ٺٺوليون ڪيون، ۽ سندس ڪلام ڏي نفرت ڏيکاريائون. ۽ سندس نبين تي کلون ڪيائون، تان جو خداوند جي ڪاوڙ پنهنجي قوم تي پيدا ٿي، ۽ ٻيو ڪوبہ چارو ڪونہ هو.


انهيءَ هوندي بہ گهڻائي سال تون سندن برداشت ڪندو رهين، ۽ تو پنهنجي روح سان پنهنجن نبين جي وسيلي، هنن جي برخلاف شاهدي پئي ڏني: تڏهن بہ هنن ڪَن نہ ڏنو: تنهنڪري تو هنن کي انهن ملڪن جي ماڻهن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ جنهن طلاق نامي جي ڪري مون تنهنجيءَ ماءُ کي ڇڏي ڏنو، سو ڪٿي آهي؟ يا منهنجي قرض خواهن مان ڪير آهي جنهن جي هٿ مون اوهان کي وڪڻي ڇڏيو؟ ڏسو، اوهانجين خطائن جي ڪري اوهين وڪاڻا هئا، ۽ اوهان جن ڏوهن جي ڪري اوهان جي ماءُ کي طلاق ڏني ويئي.


جيڪو روزو مون کي پسند آهي سو هي ناهي ڇا تہ شرارت جا بند کولجن، يا پاڃاريءَ جا رسا ڇوڙجن، مظلومن کي آزاد ڪجي، ۽ هرڪا پاڃاري ڀڃي ڇڏجي؟


ڇالاءِ جو جنهن ڏينهن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو، انهي کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، صبح جو سوير اُٿي ڏاڍيءَ تاڪيد سان نصيحت ڪري پئي چيو اٿم تہ منهنجي ڪلام جي فرمانبرداري ڪريو.


ڇالاءِ جو بني اسرائيل ۽ بني يهوداہ پنهنجي جوانيءَ کان وٺي اهي ڪم ڪيا آهن جي منهنجي نظر ۾ خراب هئا: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ بني اسرائيل پنهنجن هٿن جي ڪم سان مون کي رڳو ڪاوڙ پئي ڏياري آهي.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا، اي آدمزاد، تون هنن جي عدالت ڪندين ڇا؟ اُنهن کي سندن ابن ڏاڏن جا ڪراهت جهڙا ڪم ٻڌاءِ؛


پر هو مون کان باغي ٿيا ۽ منهنجي ٻڌڻ نہ گهُريائون؛ هنن مان سڀ ڪنهن ماڻهوءَ پنهنجين اکين اڳيان ڪراهتي شيون اُڇلائي نہ ڇڏيون، نڪي هنن مصر جا بُت ڇڏي ڏنا: تڏهن مون چيو تہ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ هنن تي ڇنڊيندس، انهي لاءِ تہ مصر جي ملڪ ۾ هنن تي پنهنجو غصو پورو ڪريان.


۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هنن سچار کي چانديءَ لاءِ وڪڻيو آهي ۽ محتاج کي جُتيءَ جي جوڙي لاءِ:


۽ اسين چاندي ڏيئي غريب کي، ۽ جُتي جو جوڙو ڏيئي مسڪين کي ڳنهون، ۽ ڪڻڪ جو ڪچرو وڪڻون.


افسوس، آئون ڪهڙو نہ ڪمبخت ماڻهو آهيان! ڪير مون کي هن موت جي بدن کان ڇڏائيندو؟


ستن ستن ورهين کان پوءِ تون ڇوٽڪارو ڏج.


جيڪڏهن تنهنجن ڀائرن مان ڪو عبراني مرد يا عبراني زال تو وٽ وڪامي، ۽ اها ڇهہ ورهيہ تنهنجي خدمت ڪري؛ تہ پوءِ ستين ورهيہ تون انهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏج.


خبردار رهج، متان تنهنجيءَ دل ۾ اهڙو هلڪو خيال اچي تہ ستون سال، يعني ڇوٽڪاري وارو سال ويجهو آهي؛ ۽ تنهنجي نيت تنهنجي انهي غريب ڀاءُ ڏانهن خراب ٿئي، ۽ تون هن کي ڪجهہ بہ نہ ڏين؛ ۽ هو تنهنجي برخلاف خداوند جي حضور ۾ پڪاري، ۽ اهو تنهنجي لاءِ گناهہ ٿئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ