Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:11 - Sindhi Bible

11 پر پوءِ هو وري ڦري ويا، ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون تن کي موٽائي آڻي تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

11 پر بعد ۾ هو ڦري ويا ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪيو هئائون تن کي موٽائي وري غلام بڻايائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:11
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جيڪي پنهنجي ڏنگيءَ واٽ ڏانهن ٿا ڦرن، تن کي خداوند خطاڪارن سان گڏ وٺي ويندو. شل اسرائيل تي سلامتي هجي.


انهي جي وات ۾ برائي ۽ دغا جون ڳالهيون آهن: ۽ هن سياڻپ ۽ نيڪيءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.


پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.


اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.


جيئن ڪو ڪتو پنهنجي ڪيل قئي تي موٽي اچي ٿو، تيئن اُهو بي عقل آهي جو وري وري پنهنجي بي عقلي ظاهر ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو خراب ڪم جي سزا جلد تعميل نہ ٿي ٿئي، تنهن ڪري انسان جي دل خراب ڪم ڪرڻ تي پڪيءَ طرح ڄمي ٿي وڃي.


۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:


تنهن ڪري خداوند جو ڪلام، خداوند وٽان يرمياہ تي نازل ٿيو، تہ


پر هاڻي وري ڦري ويا آهيو ۽ منهنجي نالي جي بي ادبي ڪري اوهان مان هر ڪنهن، جنهن پنهنجو ٻانهون ۽ پنهنجي ٻانهي خوشيءَ سان آزادي ڪري ڇڏي هئي، تنهن انهن کي موٽائي آندو؛ ۽ اوهان انهن کي وري آڻي پنهنجو تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون بنايو.


۽ يهوداہ جي بادشاهہ صدقياہ، ۽ سندس اميرن کي آءٌ سندن دشمنن جي، ۽ سندن جان جي ڳوليندڙن ۽ بابل جي بادشاهہ جي لشڪر، جو اوهان وٽان هليو ويو آهي، تنهن جي هٿن ۾ ڏئي ڇڏيندس.


۽ فرعون جو لشڪر مصر مان نڪتو هو: ۽ جڏهن يروشلم کي گهيري ڪندڙن ڪسدين انهن جي خبر ٻڌي، تڏهن يروشلم مان ڀڄي نڪتا.


اي افرائيم، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ اي يهوداہ، آءٌ تو سان ڇا ڪريان؟ ڇالاءِ جو تنهنجي چڱائي صبح جي ڪڪر جهڙي آهي، ۽ انهي ماڪ وانگر جا سويل ئي گم ٿي وڃي ٿي.


هو موٽن ٿا پر نہ انهي وٽ، جو مٿي آهي: هو هڪڙي ڪوڙي ڪمان وانگر آهن: هنن جا امير پنهنجي زبان جي جوش ڪري ترار سان ڪِرندا: اها هنن جي لاءِ مصر جي ملڪ ۾ کل ٺٺولي ٿيندي.


۽ انهن کي بہ جي خداوند کان ڦري ويا آهن؛ ۽ جن خداوند کي نہ ڳوليو آهي ۽ نہ سندس ڪا پڇا ڪئي اٿن.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو دشمن هٿ اچي تہ جيڪر اهو هن کي سلامت ڇڏي ڏئي ڇا؟ تنهنڪري شل خداوند توکي انهي چڱائي جو چڱو عيوض ڏئي، جا تو اڄوڪي ڏينهن مون سان ڪئي آهي.


تڏهن سائول چيو تہ مون گناهہ ڪيو آهي: اي منهنجا پٽ دائود، تون موٽي اچ: ڇالاءِ جو آءٌ توکي اڳتي نقصان ڪونہ رسائيندس، جو اڄ منهنجي حياتي تنهنجي نظر ۾ قيمتي هئي: ڏس، مون بيوَقوفي ڪئي آهي، ۽ ڏاڍي غلطي ڪئي اٿم.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ