Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




يرمياہ 34:10 - Sindhi Bible

10 ۽ سڀ امير ۽ سڀ ماڻهو جي انهي عهد اقرار ۾ شامل ٿيا هئا، تن قبول ڪيو تہ سڀڪو ماڻهو پنهنجي ٻانهي ۽ پنهنجيءَ ٻانهيءَ کي آزاد ڪري ڇڏيندو، ۽ اڳتي وري ڪوبہ انهن کان پنهنجي لاءِ خدمت چاڪري نہ وٺندو: ۽ هنن اها ڳالهہ مڃي ۽ انهن کي ڇڏي ڏنائون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 سو سڀ عملدار ۽ سڀيئي ماڻهو ان عهد ۾ شامل ٿيا تہ هو پنهنجا ٻانها ۽ ٻانهيون آزاد ڪندا ۽ اڳتي انهن کي غلاميءَ ۾ نہ رکندا. هنن اها ڳالهہ قبول ڪندي انهن کي آزاد ڪري ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




يرمياہ 34:10
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪڏهن تون ڪو عبراني غلام خريد ڪندين تہ اهو ڇهہ سال غلامي ڪندو، ۽ ستين سال مفت آزاد ڪيو ويندو.


۽ خداوند فرمايو تہ هيءَ اُمت منهنجي ويجهو ٿي اچي، ۽ پنهنجي وات سان، ۽ پنهنجن چپن سان منهنجي تعظيم ٿي ڪري؛ پر پنهنجي دل مون کان پري ڪئي اٿس، ۽ منهنجو ڊپ رڳو ماڻهن جي حڪم ڪري اٿس، جو کين سيکاريو ويو آهي.


۽ جڏهن يهوداہ جي اميرن اهي ڳالهيون ٻڌيون تڏهن اُهي بادشاهہ جي گهر مان هلي خداوند جي گهر ۾ آيا؛ ۽ خداوند جي گهر جي نئين دروازي جي لنگهہ ۾ ويهي رهيا.


تڏهن اميرن ۽ سڀني ماڻهن ڪاهنن ۽ نبين کي چيو، تہ هيءُ ماڻهو موت جي سزا جو لائق ناهي؛ ڇالاءِ جو هن خداوند اسان جي خدا جي نالي سان اسان کي اهي ڳالهيون ٻڌايون آهن.


پر پوءِ هو وري ڦري ويا، ۽ جن ٻانهن ۽ ٻانهين کي آزاد ڪري ڇڏيو هئائون تن کي موٽائي آڻي تابعدار ڪري ٻانها ۽ ٻانهيون ڪيائون.


يعني يهوداہ جي اميرن کي، ۽ يروشلم جي اميرن کي، ناظرن، ۽ ڪاهنن، ۽ انهي ملڪ جي ٻين سڀني ماڻهن کي، جي گابي جي ٻن ڀاڱن جي وچان لنگهيا:


تڏهن هو هيٺ لهي بادشاهہ جي گهر ۾ منشيءَ جي ڪوٺيءَ ۾ ويو: ۽ ڏس، سڀ امير اُتي ويٺا هئا، يعني اليسمع منشي، ۽ دلاياہ بن سمعياہ، ۽ الناتن بن عڪبور، ۽ جمرياہ بن سافن، ۽ صدقياہ بن حننياہ ۽ ٻيا سڀ امير بہ ويٺا هئا.


تڏهن اميرن بادشاهہ کي چيو تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ هن ماڻهوءَ کي ماري ڇڏڻ گهرجي؛ ڇالاءِ جو جيڪي جنگي ماڻهو هن شهر ۾ بچيا آهن تن جا، ۽ باقي سڄي قوم جا هٿ، اهڙين ڳالهين ٻڌائڻ سان هو ضعيف ٿو ڪري: هن ڪري جو هي ماڻهو هن قوم جي خير خواهي نہ پر نقصان ٿو ڳولهي.


۽ اوهين پنجاهون ورهيہ پاڪ ليکجو، ۽ سڄي ملڪ ۾ انهي جي سڀني رهاڪن جي لاءِ آزاديءَ جي پڌرائي ڪرائجو: اهو اوهان جي لاءِ جشن جو سال ٿيندو؛ ۽ اوهان مان هرڪو ماڻهو پنهنجي گهر موٽي ايندو، ۽ هرڪو موٽي پنهنجي خاندان ۾ ايندو.


ڇالاءِ جو هيروديس کي خبر هئي تہ يوحنا پاڪ ۽ راستباز ماڻهو آهي، تنهنڪري کانئس ڊڄندو هو، ۽ کيس صحيح سلامت رکندو هو؛ ۽ جڏهن هن جون ڳالهيون ٻُڌندو هو، تڏهن ڏاڍو مُنجهي پوندو هو، پر ٻُڌندو خوشيءَ سان هوس.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ